مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف جي خدمت ۾نجف اشرف جي پوليس جي سربراه بارڊر فورس جي ڪمانڊر ۽ سيڪيورٽي سيڪٽر جي اھلڪار

مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف جي خدمت ۾نجف اشرف جي پوليس جي سربراه بارڊر فورس جي ڪمانڊر ۽ سيڪيورٽي سيڪٽر جي اھلڪار



9/5/2023


مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آية الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظلہ الوارف پنھنجي مرڪزي دفتر ۾ عيد الفطر جي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ آيل رسمي ۽ غير رسمي وفدن جو استقبال ڪيو.

انھن منجھان نجف اشرف گورنمينٽ جي پوليس چيف ۽ سرحدي محافظن جي ڪمانڊر کان علاوه مقدس شھر نجف اشرف ۾ سيڪيورٽي يونٽن جي باقي عھديدارن ۽ انھن سان گڏ آيل وفد سان ملاقات ڪئي جيڪي عيد الفطر جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي لاءِ مرجعيت جي محضر ۾ حاضر ٿيا ھئا.

مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف انھن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪندي پنھنجي خطاب ۾ فرمايو تہ نجف اشرف پوري تشيع جو مرڪز آھي ۽ پوري دنيا جون نظرون ھر وقت ان جي طرف مرڪوز  آھن توھان جون ذميداريون بہ وڏيون آھن ھن جو امن ۽ استقرار ھتان جي عوام ۽ زائرين جي جان ۽ مال جي حفاظت توھان جي ذميداري آھي.

اميد ٿا ڪريون ته توھان پنھنجي انھن ذميدارين کي بھتر کان بھتر طريقي سان نڀائيندو.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو