پاڪستان مان مختلف مڪاتب فڪر جي علماء جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات

پاڪستان مان مختلف مڪاتب فڪر جي علماء جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات



19/5/2023


برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستان  جي مختلف مڪاتب فڪر جي علمائن حجت الاسلام مولانا جعفر علي نجم دامت برڪاته جي قيادت ۾ مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي.

مرجع عالي قدر دام ظله الوارف ۽ وفد جي درميان نجف اشرف ۽ حوزه علميه نجف اشرف جي اهميت ۽  عظمت جي متعلق گفتگو ٿي.

مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جن فرمايو ته اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جي جوار ۾ حوزه علميه نجف اشرف جي تاريخ وڏي قديم آهي بلڪ هي سڀني حوزن جي ماءُ آهي. هن حوزه علميه نجف اشرف امت مسلمه خدمت جي لاءِ   وڏا عظيم ۽ جيد فقهاء ۽ علماء کي جنم ڏنو آهي.

وڌيڪ مرجع عالي قدر دام ظله الوارف تبليغ جي موثر ڪرڻ جي حوالي سان پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم جي سنت ۽ روش کي ٻڌائيندي فرمايو ته زباني تبليغ کان وڌيڪ عملي تبليغ هجڻ کپي جيئن پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم چاليه سالن تائين صرف ڪردار پيش ڪيو جڏهن ته ٽيويھ يا چوويھ سال ڪردار سان گڏو گڏ زباني تبليغ به ڪئي.

اهڙي طرح پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم ٽيهت يا چوهٽ سال ڪردار پيش ڪيو جنهن جي نتيجو اهو نڪتو ته اڄ دنيا جي ڪوني ڪوني ۾ اشهد ان محمد رسول الله جي صدائون پيون اچن.

ٻي طرف آيل  علماء مهمانن مغربي ۽ يورپي ممالڪ ۾ تبليغ دين جي حوالي سان ڪيل ڪاوشن کي بيان ڪيو

۽ قيمتي وقت ڏيڻ تي انهن علمائن مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جو دل سان شڪريو ادا ڪيو




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو