پاڪستاني وزير مملڪت جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات

پاڪستاني وزير مملڪت جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات



20/3/2023


پاڪستاني وزير مملڪت تخفيف غربت و سماجي تحفظ ڊويزن ۽ سيڪريٽري اطلاعات پاڪستان پيپلز پارٽي فيصل ڪريم ڪنڊي مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي

هن ملاقات ۾ مرجع عالي قدر دام ظله الوارف فرمايو ته ملڪ پاڪستان هڪ وڏي نعمت آهي لهذا پاڪستان ۽ پاڪستانين جي توهان جي زميداري آهي ۽ پاڪستانين جي خدمت ۾ پاڪستان جي خدمت آهي لهذا پاڪستانين جي امورن ۾ آساني پيدا ڪرڻ توهان جي اولين ترجيح هجڻ کپي

مرجع عالي قدر دام ظله الوارف پاڪستان ۾ روز بروز وڌندڙ غربت جي متعق ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي فرمايو ته پاڪستان ۾ اهڙو قدم کڻڻ کپي جنه سان غربت جي سطح گهٽ ٿئي

وڌيڪ  مرجع عالي قدر دام ظله الوارف ان ڳالھ تي تاڪيد ڪندي فرمايو ته پاڪستان ۾ غريب ۽ لاچار عورتن جي غربت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ادامات ڪرڻ جي ضرورت آهي تاڪ انهن جي عفت ۽ عصمت محفوظ رهي ۽ هو باوقار زندگي گذاري سگهن

ٻي طرف پاڪستان جي  وزير مملڪت پاڪستان ۾ غربت کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان حڪومتي اقدامات کي تفصيل کان آگاه فرمايو.

مرجع عالي قدر دام ظله الوارف فقراء جي خدمت جي حوالي سان کڻندڙ قدم کي سراهيندي مزيد توفيقات خير ۾ اضافي جي لاءِ دعا فرمائي

آخر ۾ وزير مملڪت قيمتي وقت ڏيڻ تي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جو شڪريو ادا ڪيو



 

ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو