ويٽيڪن ۾ ايراني سفير جي سندس وفد سان گڏ مرڪزي دفتر آمد

ويٽيڪن ۾ ايراني سفير جي سندس وفد سان گڏ مرڪزي دفتر آمد



22/4/2024


مرجع مسلمين و جهان تشيع  حضرت آيت الله العظمى  الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جو فرزند ۽  مرڪزي دفتر جو مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ويٽيڪن ۾

اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ۽ ان سان گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. ملاقات ۾ مذهبن خاص ڪري اسلام ۽ عيسائيت جي وچ ۾ گڏيل مقصدن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان جي حمايت ۽ فعال ڪرڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) رواداري جي اصولن ۽ حقيقي محمدي اسلام جي اقدار کي عام ڪرڻ ۽ ان مشترڪه الهي اصولن جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جن تي انساني فطرت جو بنياد آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انساني نسل ۽ ان جي ثقافت ۽ مذهبي تشخص جو تحفظ ڪيو وڃي ته جيئن سماجن کي درپيش سلوڪي ۽ اخلاقي انحرافات ۽ بي ضابطگين کي روڪي سگهجي

انهن مهمان وفد جي خدمت ۾ مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جون دعائون پهچايون.

ٻئي طرف آيل مهمانن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف )جي صحت ۽ سلامي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي حسن استقبال تي شڪريو ادا ڪيو






ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو