عيدالفطر جي موقعي تي مرڪزي دفتر ۾ مختلف وفدن جي آمد

عيدالفطر جي موقعي تي مرڪزي دفتر ۾ مختلف وفدن جي آمد



14/4/2024


 مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جو فرزند ۽ مرڪزي دفتر جو مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزه) عيدالفطر جي مبارڪباد پيش ڪرڻ لاءِ حوزہ علميه نجف اشرف جي معزز علماء، مشائخ ۽ حوزه علميه جي استادن، نجف اشرف جي گورنر،امني ادارن جي سربراهن حڪومتي عهديدارن، قبيلن جي سربراهن ۽ محترم مؤمنن جو  مرڪزي دفتر ۾ استقبال ڪيو ويو.

 فرزند مرجعيت آيل مهمانن کي عيد الفطر جون مبارڪون ڏنيون ۽ امت مسلمه جي ڀلائي ۽ مومنن جي سلامتي ۽ حفاظت لاءِ بارگاه خداوندي ۾ دعا به ڪئي.

 ٻئي طرف آيل مهمانن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي صحت ۽ سلامتي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي حسن استقبال تي شڪريو ادا ڪيو.














ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو