پاڪستان جي صوبي سنڌ کان آيل هڪ وفد جي فرزند مرجعيت سان ملاقات

پاڪستان جي صوبي سنڌ کان آيل هڪ وفد جي فرزند مرجعيت سان ملاقات



29/4/2024


پاڪستان جي صوبي سنڌ کان آيل مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ججن تي مشتمل هڪ وفد مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف)  جي فرزند، انوار نجفيه فائونڊيشن جي سربراهه ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزه) سان مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي

 ان ملاقات ۾ شيخ علي نجفي (دام عزہ) درپيش مسئلن تي روشني وڌي ۽ فرمايو ته اڄ اسلام تي مغرب طرفان جيڪا يلغار ٿي رهي آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ علماء ڪرام کي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ اھڙيءَ طرح عالمن، پروفيسرن، ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرن جي به اها ذميواري آهي ته هو ان حملي کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.

 وڌيڪ فرمايائون ته حوزه علميه نجف اشرف ۽ خاص ڪري مرجع عالي قدر آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جو دفتر اسلام جي خلاف موجود شبھات کي دور ڪرڻ ۽ انهن جو هاڪاري جواب ڏيڻ جي لاءِ هن خدمت کي اعزاز سمجھندي حتى المقدور حاضر آھي

فرزند مرجعيت (حفظہ الله) مهمان وفد جي خدمت ۾ مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جا سلام ۽ نصيحتون پهچايون.

ٻئي طرف آيل معززن سندس قيمتي وقت ڏيڻ تي دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو.






ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو