مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان افغانستان جي شيعه علماء جي شورى جي خصوصي وفد جي ملاقات
2/1/2023
مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جن پنھنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ زيارت جي لاءِ آيل افغانستان کان شيعه علماء جي شورى جي خصوصي وفد جي آجيان ڪئي، ۽ مهربان پيءُ وانگر نصيحتون ۽ ضروري رهنمايون بيان ڪيون، ۽ رياست افغانستان ۾ مسلمانن جي درميان پر امن طريقي سان پاڻ ۾ گڏ رهڻ جي اهميت تي زور ڏنو. رت، ۽ جانن جي تحفظ ۽ مسلمانن جي درميان خونريزي کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ تي زور ڏنو.
هوڏانهن آيل مهمانن، افغانستان جي مومنن جي موجوده عمومي صورت حال، ۽ شورى جي ڪارڪردگي پيش ڪئي. جنهن تي مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) سندن لاءِ وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي جي لاءِ بارگاه خداوندي ۾ دعا فرمائي. ۽ مهمان وفد قيمتي وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ مراجع جي زيارت کي پنهنجي لاءِ عظيم شرف قرار ڏنو.