جليل صحابي حضرت سلمان محمدي (رض) جي مزار جو سيڪريٽري جنرل حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزه) جي خدمت ۾
16/4/2024
مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي دام ظلہ الوارف جو فرزند ۽ مرڪزي دفتر جو مدير حجت الاسلام شيخ علي نجفي دام عزہ مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ جليل صحابي حضرت سلمان محمدي (رض) جي مزار جي جنرل سيڪريٽري جناب حسن هادي الجبوري جو پنهنجي وفد سان گڏ استقبال ڪيو
مٿي ذڪر ڪيل گڏجاڻيءَ ۾ طرفين انهن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ آئمه اطهار عليهم السلام، اولياء صالحين ۽ اصحاب منتجبين جي حيات طيبه جي نشر واشاعت ۾ اهڙا طريقا اپنائڻ گهرجن، ته جيئن اهي منارا هجن ۽ ماڻهو انهن سان تمسڪ اختيار ڪندي فيضياب ٿيندا رهن ۽ ان سان گڏ امت ۾ اتحاد ۽ تعصب ۽ انتهاپسنديءَ جي هر مظهر کان پري رهن.
ٻئي طرف آيل مهمانن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف )جي صحت ۽ سلامي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي حسن استقبال تي شڪريو ادا ڪيو.