نوجوان گمراه ڪندڙ خيالن کان پنھنجي پاڻ کي محفوظ رکن
24/3/2024
ناصريہ گورنريٽ ۾ قيام جي آخري گھڙين ۾ عبودہ قبيلي جي سربراهن سان ملاقات کان بعد ديوانيہ گورنريٽ ۾ قيام دوران مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي فرزند انوار_النجفيه_فائونڊيشن جي سربراهه شيخ علي نجفي (دام عزه) اگرع، جبوري، العبيد، بني عارض قبيلن جي شيخن ۽ قبيلن جي زميدارن ۽ مؤمنن سان ملاقات ڪئي.
پنهنجي خطاب ۾ مؤمنن جي خدمت ۾ مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جا سلام،دعائون ۽ سندن نصيحتون پھچايون ۽ سماج ۾ قبائلي اڳواڻن جي ڪردار تي گفتگو ڪئي.
۽ انھن کي دعوت ڏني ته ھو پنھنجي اثر و رسوخ جو استعمال ڪندي مذھبي،معاشرتي ۽ اخلاقي ثقافت ۽ اقدار جي حفاظت ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ نوجوان گمراه ڪندڙ خيالن کان پنھنجي پاڻ کي محفوظ رکن.