دشمنن جي سازشن ۽ حملن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڻ کي علم ۽ اخلاق محمد آل محمد عليهم السلام جي علم، معارف ۽ اخلاق سان آراسته ڪريون

دشمنن جي سازشن ۽ حملن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڻ کي علم ۽ اخلاق محمد آل محمد عليهم السلام جي علم، معارف ۽ اخلاق سان آراسته ڪريون



4/5/2024


•  پاڻ کي مرجعيت ۽ ديني ادارن سان مرتبط رکون

•  شخصي آزاديءَ جو قطعا اهو مطلب نه آهي ته خدائي ۽ اخلاقي قانونن ۽ حقيقي  اسلام محمدي جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ۽ نه ئي ان جو مطلب ٻين جي آزادي ۽ سماج جي آزاديءَ کي پامال ڪرڻ آهي.

 مرجع مسلمين و جهان تشيع آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند، انوار نجفيه فائونڊيشن جي سربراهه ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزه) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ 

حرم حضرت ابوالفضل العباس عليه السلام جي خادمن جي وفد جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي خطاب ڪندي فرمايو ته اعمال جي قبوليت جو دارومدار پرهيزگاري تي آهي ۽ پرهيزگاري جي ڪري ئي مؤمن خدا جي رضا جي ويجھو ٿيندو آهي ۽ ظاهر آهي جڏهن انسان پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندو آھي ته هو پنهنجي زميداري، فرضن جي ادائگي ۽ حرام کان پاسو ڪندو آهي، انھن وڌيڪ فرمايو ته الله جي رحمت هر شيءِ تي وسي ٿي پئي ۽ توبه جو دروازو هميشه کليل آهي.

انھن حرم مبارڪ جي خادمن  کي سندن ڪيل خدمت ۽ ان  عظيم  شرف تي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته سڄي دنيا مان زائرين اچي رهيا آهن، تنهنڪري ضروري آهي ته انهن جي خدمت سٺي طريقي، بھترين اخلاق سان ڪئي وڃي

 ٻئي طرف مرجع عالي قدر (دام ظله) جي معتمد سماحة السيد محمد طاهر الجزائري صاحب پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته حقيقي اسلام محمدي معاشري کي سکڻ، فڪر ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ  ۽ مطالعي جي ترغيب ڏني آهي آزاديءَ جو قطعا اهو مطلب نه آهي ته خدائي، اخلاقي قانونن ۽ حقيقي  اسلام محمدي جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ۽ نه ئي ان جو مطلب ٻين ۽ سماج جي آزاديءَ کي پامال ڪرڻ آهي. پر مذهب هڪ حدون مقرر ڪيون آهن جن ۾ هر عنوان ۽ ھر فرد جي حق جي ضمانت ڏني آھي

 هن وڌيڪ فرمايو تہ ته اڄ جو انسان چاھي اھو ڪنھن بہ سماج سان تعلق رکندو ھجي مختلف سازشن ۽ حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي، خاص ڪري مسلمان ۽ مذھبي معاشري کي  ان حملن جي جھت اخلاق، اقدار، اصول ۽ مذهب آهي تنھن ڪري دشمنن جي سازشن ۽ حملن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڻ کي علم ۽ اخلاق محمد آل محمد عليهم السلام  جي علم، معارف ۽ اخلاق سان آراسته ڪريون ۽ پاڻ کي مرجعيت ۽ ديني ادارن سان مرتبط رکون تاڪ انھن حملن ۽ سازشن کان پاڻ کي محفوظ رکي سگھون

ٻئي طرف آيل مهمانن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف )جي صحت ۽ سلامتيءَ ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي حسن استقبال تي شڪريو ادا ڪيو








ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو