حرم امام علي عليه السلام (نجف اشرف) جي وفد جي مرڪزي دفتر آمد

حرم امام علي عليه السلام (نجف اشرف) جي وفد جي مرڪزي دفتر آمد



31/5/2024


مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي فرزند  مرڪزي دفتر جي مدير شيخ علي النجفي (حفظه الله) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾  امام علي عليه السلام جي روضي جي بورڊ آف ڊاريڪٽرز جي اراڪين جي وفد جو خير مقدم ڪيو ۽ حاضرين کي حرم مقدس ۾ زيارت جي لاءِ ايندڙ زائرن جي خدمت ۽ کيس بهترين خدمت ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.

  مهمان وفد کين روضي پاڪ جي توسيع، خاص ڪري حضرت فاطمه سلام الله عليها  جي صحن ، ۽ جشن عيد غدير جي تيارين ۽ جشن جي ترتيب ڏنل پروگرام جي باري ۾ آگاهه ڪيو.

ٻي طرف آيل وفد قيمتي وقت ڏيڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف جي صحت و سلامتي، ۽ طول عمر جي لاءِ  دعا ڪئي.





 

ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو