حرم امام رضا (عليه السلام) مشھد مقدس جو خصوصي وفد مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي خدمت ۾

حرم امام رضا (عليه السلام) مشھد مقدس جو خصوصي وفد مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي خدمت ۾



31/5/2024


مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) حرم امام رضا (عليه السلام) مشھد مقدس جي خصوصي وفد جو خير مقدم ڪيو.

حرم مقدس جي خادمن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جن جي خدمت ۾ گنبد مبارڪ جو  علم (بيرڪ)  بطور ھديو پيش ڪيو جنھن تي مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) تھ دل سان حرم مقدس جي ذميوارن، عھديدارن ۽ خادمن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انھن کي ھن عظيم شرف خدمت تي مبارڪباد پيش ڪندي سندن صحت، سلامتي، ۽ وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي  جي لاءِ بارگاه خداوندي ۾ دعا فرمائي.

 

ٻي طرف آيل وفد قيمتي وقت ڏيڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ صحت و سلامتي، ۽ طول عمر جي لاءِ اجتماعي دعا ڪئي.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو