علم فقه جي خصوصي ڪالج جي استادن جو وفد مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي خدمت ۾
31/5/2024
مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ علم فقه جي خصوصي ڪالج جي استادن جو خير مقدم ڪيو.
مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) شفيق پيءُ جيان نصيحتون ڪندي علم جي اھميت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ تي روشني وجھندي ۽ علمي سفر جاري رکندي، ان ۾ اصول دين ۽ فقه کي پکيڙڻ ۽ اھل بيت عليھم السلام جي علم کي عام ڪرڻ تي تاڪيد ڪئي ۽ انھن لاءِ وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي جي لاءِ بارگاه خداوندي ۾ دعا فرمائي.
ٻي طرف آيل وفد قيمتي وقت ڏيڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ صحت و سلامتي، ۽ طول عمر جي لاءِ اجتماعي دعا ڪئي.