حشد شعبي جي وفد جي مرجعِ عالي (قدردام ظله الوارف) سان ملاقات عراق جنگي محاذ تي وهايل پاڪ خون سان آزاد ٿيو

حشد شعبي جي وفد جي مرجعِ عالي (قدردام ظله الوارف) سان ملاقات عراق جنگي محاذ تي وهايل پاڪ خون سان آزاد ٿيو



28/9/2024


مرجعِ مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) مرڪزي دفتر نجف اشرف عراق ۾ موصل شهر کان آيل حشد شعبي جي هڪ وفد سان ملاقات ڪندي ان تي زور ڏنو ته هو تکفيري دهشتگرد گروهن جي باقيات جو تعاقب جاري رکن ۽ عراقي سرزمين کي هر اُن شيءَ کان پاڪ ڪن جيڪا ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي سلامتي لاءِ خطرو هجي.

سائينءَ وڌيڪ فرمايو ته عراق جنگي محاذ تي وهايل پاڪ رت سان آزاد ٿيو. هن بهادرن کي خطاب ڪندي فرمايو ته توهان جو هر قدم عليؑ ۽ حسينؑ جي عراق جي خاطر هجڻ گهرجي ۽ توهان اُن ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهيو جيڪو عتبات عاليہ ۽ مقدس مقامن جي سرزمين آهي.

سائينءَ وڌيڪ فرمايو ته توهان جو هر عمل الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ هجڻ گهرجي ۽ ڏينهن رات پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندا رهو، ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي ته توبه ڪريو ۽ خدا کان معافي طلب ڪريو ته جيئن پنهنجو شمار متقي ماڻهن ۾ ڪرائي سگهو، ڇو ته عملن جي قبوليت رڳو متقي ماڻهن لاءِ آهي.

انھن وفد ۽ سڀني عراقي سيڪيورٽي فورسز جي سلامتي، حفاظت، ڪاميابي ۽ خوشحالي لاءِ خدا جي بارگاھ ۾ دعا ڪئي.

ٻئي پاسي، مهمان وفد پنهنجي قيمتي وقت ڏيڻ ۽ پيءَ جيان نصيحتن تي سندن شڪريو ادا ڪيو، ۽ پنهنجي عزم کي نئين سر تازو ڪندي چيو ته  عراق جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ھميشه اسان جون اکيون چوڪس آهن.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو