حضرت علامه سيد حسن نصر الله (قدس سره) جي شهادت تي مرجع مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) طرفان جاري ڪيل بيان جو ترجمو

حضرت علامه سيد حسن نصر الله (قدس سره) جي شهادت تي مرجع مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) طرفان جاري ڪيل بيان جو ترجمو



28/9/2024


تاريخ: 24 ربيع الأول 1446 هجري، مطابق: 28 سيپٽمبر 2024

بسم الله الرحمن الرحيم

قال الله تعالى: (وَلاَ تَحْسَبَنَّ الَّذِينَ قُتِلُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ أَمْوَاتاً ‏بَلْ أَحْيَاء عِندَ رَبِّهِمْ يُرْزَقُونَ * ‏فَرِحِينَ بِمَا آتَاهُمُ اللّهُ مِن ‏فَضْلِهِ وَيَسْتَبْشِرُونَ بِالَّذِينَ لَمْ يَلْحَقُواْ بِهِم مِّنْ خَلْفِهِمْ أَلاَّ ‏خَوْفٌ عَلَيْهِمْ ‏وَلاَ هُمْ يَحْزَنُونَ)

الله تعالى فرمايو آهي: " ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راه ۾ قتل ڪيا وڃن، تن کي  ڪڏهن به مُئل نه سمجھو، پر اُهي زنده آهن (۽) پنهنجي رب وٽ رزق ماڻي رهيا آهن. الله پنھنجي فضل سان جيڪو ڪجهه کين ڏنو آهي، اُن تي خوش آهن ۽ اهي جيڪي اڃا انهن وٽ ناھن پهتا تن بابت به خوش آهن ته انهن لاءِ  (قيامت جي ڏينھن) نه ڪو خوف ٿيندو ۽ نه ئي اُهي غمگين ٿيندا." (صدق الله العلي العظيم)

انتھائي ڏک ۽ افسوس سان اسان امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) جي بارگاهه ۾ مجاهدن جي فخر، مقاومت جي سردار، امام حسين عليه السلام جي پوٽي، علامه مجاهد سيد حسن نصر الله (قدس سره) جي شهادت جي ڏکوئيندڙ خبر تي تعزيت پيش ڪريون ٿا.

اسان فرزندِ زهراء (سلام الله عليها) جي خدمت ۾ هن شهادت تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، اها شهادت جنهن جي هو هميشه تمنا ڪندا رهيا ۽ جيڪا انهن کي زماني جي فرعونن ۽ نبين جي قاتلن جي نسل مان نصيب ٿي. هيءَ عظيم شخصيت پنهنجي پاڪيزه وڏڙن، صديقن، شهيدن ۽ صالحن جي قافلي سان وڃي ملي آهي، ۽ سندن رفاقت ڪيتري نه بلند ۽ رِيس لائق آهي.

دنيا جي سڀني آزاد ۽ حريت پسند ماڻهن لاءِ واضح ٿي وڃي ته هن مجاهد سيد جو پاڪ رت بيڪار نه ويندو، بلڪ  الله جي قدرت سان هي رت فتح جا دروازا کوليندو. الله تعالى هن رت جي برڪت سان مسلمانن کي عظيم فتح عطا فرمائيندو.

 امير المومنين عليه السلام فرمائن ٿا: "تلوار جا بچيل ماڻهو تعداد ۾ وڌيڪ ۽ اولاد ۾ گهڻا ٿيندا آهن."

اسان پنهنجن دلين کي مضبوط ڪري هن ڏکوئيندڙ واقعي کي الله جي رضا جي طور تي قبول ڪريون ٿا، ۽ مؤمنن کان درخواست ڪريون ٿا ته سيد حسن نصر الله (قدس سره) جي سيرت، سندس قربانين ۽ ان جي عظيم شهادت کي پنهنجي لاءِ هدايت ۽ روشني جو مينار بڻائين جيئن هو هميشه پنهنجن پاڪ اجداد (عليهم السلام) جي سيرت تي قائم رهيا آهن. الله تي ڀروسو ڪريو ۽ دين ۽ دنيا ۾ صرف ان ڏانهن رجوع ڪريو.

اسان سندن محترم خاندان جي خدمت ۾ دل جي گهراين سان تعزيت پيش ڪريون ٿا ۽ دعاڳو آهيون ته الله سائين سندن ۽ اسان جي دلين کي هن عظيم مصيبت تي صبر عطا فرمائي، ۽ انهن جي درجات کي اعليٰ عليين ۾ بلند فرمائي.

ولا حول ولا قوة إلا بالله العلي العظيم

بشير حسين النجفي




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو