شهيد فخر المجاهدين جي پاڪ روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ حرم حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام پاران مجلس فاتحه جو انعقاد

شهيد فخر المجاهدين جي پاڪ روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ حرم حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام پاران مجلس فاتحه جو انعقاد



1/10/2024


غاصب صهيوني ٽولي جي هٿان جام شهادت جي عظيم مرتبي تي فائز ٿيڻ واري فخر المجاهدين ۽ سيد الشهداء امام حسين عليه السلام جي پوٽي حضرت زهراء سلام الله عليها جي فرزند علامه سيد حسن نصرالله (قدس سرہ) ۽ ان سان گڏ شھيد ٿيندڙ ٻين شهيدن جي پاڪ ارواح جي ايصال ثواب جي لاءِ حرم حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام پاران

مسجد خضراء  حرم حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام ۾ فاتح خواني جو اھتمام ڪيو ويو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ علماء ڪرام، حوزہ علميہ جي شاگردن  سميت ڪافي مؤمنن سان گڏ

مرڪزي دفتر جي وفد جنهن جي نمائندگي حجة الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي دام عزہ  ( فرزند حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) به شرڪت ڪئي 

حجة الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي (دام عزہ) سوڳوار شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.







ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو