شهيد فخر المجاهدين جي پاڪ روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ مجلس فاتح جو انعقاد

شهيد فخر المجاهدين جي پاڪ روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ مجلس فاتح جو انعقاد



1/10/2024


غاصب صهيوني ٽولي جي هٿان جام شهادت جي عظيم مرتبي تي فائز ٿيڻ واري فخر المجاهدين ۽ سيد الشهداء امام حسين عليه السلام جي پوٽي حضرت زهراء سلام الله عليها جي فرزند علامه سيد حسن نصرالله (قدس سرہ) ۽ ان سان گڏ شھيد ٿيندڙ ٻين شهيدن جي پاڪ ارواح جي ايصال ثواب جي لاءِ حوزه علميه نجف اشرف پاران

حضرت امير المؤمنين عليه السلام جي حرم مسجد خضراء ۾ فاتح خواني جو اھتمام ڪيو ويو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ علماء ڪرام، حوزہ علميہ جي شاگردن ۽ مومنن سميت مرجع عظام جي فرزندن (دام ظلالھم) ۽ مرڪزي دفتر جي وفد، جنهن جي نمائندگي (حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله) جي فرزند حجة الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي (دام عزہ)  ڪئي،

حجة الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي (دام عزہ) سوڳوار شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.








ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو