قرآن رڳو تلاوت جي ڪتاب نه آهي، پر هي دنيا ۽ آخرت ۾ رهنمائي ۽ ڪاميابي جو بنيادي سرچشمو آهي

قرآن رڳو تلاوت جي ڪتاب نه آهي، پر هي دنيا ۽ آخرت ۾ رهنمائي ۽ ڪاميابي جو بنيادي سرچشمو آهي



7/10/2024


حجت الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي (دام عزّه) حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلّه الوارف) جي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾، حرم حضرت عباس عليه السلام ڪربلاء مقدسہ ۾ قرآن پاڪ ڪورس جي شاگردن جي هڪ وفد، انهن جي ٽرينرز ۽ سپروائيزرن سان گڏ خيرمقدم ڪيو.

هن ملاقات ۾ اسلامي شخصيت جي تشڪيل ۾ قرآن مجيد جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. حجت الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي (دام عزّه) پنهنجي خطاب ۾ فرمايو:

•  الله تعالى قرآن مجيد لاءِ ڪيل ڪوششن کي برڪت عطا ڪري ٿو، ۽ اهي ٻار جيڪي قرآن مجيد حفظ ڪن ٿا اهي دنيا ۾ نيڪي ۽ هدايت جو رستو ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ذريعو بڻجن ٿا. ٻار معاشري جو اثاثو آهن ۽ ان جي روشن مستقبل جي اميد آهن.

•  قرآن رڳو هڪ ڪتاب ناهي جنهن کي اوهان پڙهو ٿا، پر هي زندگيءَ جو طريقو آهي. هر مومن جي دل ۾ هئڻ گهرجي ته جيڪو ان کي چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪري، الله کيس دنيا ۽ آخرت ۾ برڪت عطا ڪندو.

•  ”ممتاز انسان اهو آهي جيڪو هر لمحي قرآن کي پنهنجو ساٿي بڻائي ۽ قرآن پڙهي الله جو قرب حاصل ڪري ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو ذريعو بڻائي، اهو دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي حاصل ڪندو."

•  قرآن جي رستي تي هلندڙ نوجوان الله جي نظر ۾ تمام وڏو مقام رکن ٿا، ان ڪري انهن باوقار نوجوانن ۾ شامل ٿيو جيڪي قرآن جي نور سان معاشري کي روشن ڪن ٿا.

•  اهي خاندان جيڪي پنهنجي ٻارن جي پرورش قرآن تي ڪن ٿا، اهي واقعي ۾ مثالي اسلامي خاندانن جو نمونو آهن. اهي مذهبي ۽ اخلاقي قدرن تي ٻڌل معاشري جي تعمير ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

•  قرآن پاڪ تلاوت لاءِ رڳو هڪ ڪتاب ناهي، پر هي دنيا ۽ آخرت ۾ رهنمائي ۽ ڪاميابي جو بنيادي سرچشمو آهي. قرآن جا حافظ خدا جي بارگاهه ۾ وڏو درجو حاصل رکن ٿا، ڇو ته قرآن قيامت جي ڏينهن انهن جو شفيع بڻجي بيهندو ۽ هر مشڪل ۾ انهن سان گڏ هوندو. قرآن جي روشنيءَ سان انهن لاءِ جنت جو رستو روشن ٿيندو.

•  ممتاز نوجوان اهو آهي جيڪو دنياوي مشغوليتن ۽ تفريح جي رستن کان بچي، قرآن پاڪ جو رستو اختيار ڪري. قرآن اسان کي نيڪيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو، ۽ جيڪو ان کي حفظ ڪري ۽ ان تي عمل ڪري، اهو پنهنجي زندگيءَ ۽ هر قدم ۾ برڪت حاصل ڪندو.

•  مرجعيت انهن سڀني قدمن ۽ سرگرمين جي مسلسل حمايت جاري رکي ٿي، جن جو مقصد معاشري ۾ قرآني ثقافت کي ڦهلائڻ آهي. مذهبي ۽ تعليمي ادارن تي زور ڏنو وڃي ته اهي قرآن جي تعليم ۽ حفظ ۾ پنهنجي ڪوششن کي ٻيڻو ڪن، ڇاڪاڻ ته هيءُ مضبوط اسلامي معاشري جي تعمير جا بنيادي ستون آهن.

انهن حرم حضرت عباس عليه السلام جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، جن اهڙا ڪورس منعقد ڪري نوجوانن جي روح ۾ قرآن جون قدرون اُڀارڻ ۽ اسلامي تشخص کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 وفد ۾ شامل شاگردن ۽ سندن استادن موصوف جي شاندار استقبال ۽ قيمتي رهنمائي تي دلي شڪريو ادا ڪيو، جيڪا سندن قرآني سفر ۾ هڪ مشعل راهه رهندي.

انهن اهو زور ڀريو ته اهڙيون ملاقاتون قرآن پاڪ کي حفظ ڪرڻ، ان جي تلاوت جاري رکڻ ۽ ان جي تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو محرڪ آهن



ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو