بابل يونيورسٽي ۾ شهيد فخر المجاهدين (قدس سرہ) جي ايصال ثواب لاءِ مجلس عزا جو اهتمام ڪيو ويو

بابل يونيورسٽي ۾ شهيد فخر المجاهدين (قدس سرہ) جي ايصال ثواب لاءِ مجلس عزا جو اهتمام ڪيو ويو



30/9/2024


• سيد نصر الله (قدس سرہ) جي شهادت هڪ وڏو نقصان آهي.

• شهيد سيد نصر الله (قدس سرہ) مسلمانن لاءِ پنهنجي باوقار موقف ۾ طاقت ۽ اتحاد جي علامت هئا، خاص ڪري غاصب صهيوني ٽولي جو مقابلو ڪرڻ ۾.

• شهيد جو مقصد فلسطين کي پنهنجي ماڻهن ڏانهن واپس ڪرڻ ۽ هن غاصب صهيوني ٽولي جي وجود کي ختم ڪرڻ هو، گڏوگڏ عزيز لبنان کي آزادي ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ هو.

 • اهو ڏوھ غاصب صهيوني ٽولي ۽ ان جي سڀني پيروڪارن لاءِ رسوائي جو سبب بڻجندو.

حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ‏ظله الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي دام عزہ، بابل يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل مجلس عزا ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا غاصب صهيوني ٽولي جي هٿان شهيد ٿيل فخر المجاهدين، سيد مقاومت، علامه سيد نصر الله (قدس سرہ) جي ايصال ثواب لاءِ منعقد ڪئي وئي هئي. هن مجلس جو اهتمام بابل يونيورسٽي جي اندروني شعبن جي ڊائريڪٽوريٽ ۽ انهن شعبن جي شاگردن ڪيو هو.

حجة الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي دام عزہ مجلس کي خطاب ڪندي فرمايو ته شهيد سيد نصر الله (قدس سرہ) مسلمانن لاءِ پنهنجي باوقار موقف ۾ طاقت ۽ اتحاد جي علامت هئا، خاص ڪري غاصب صهيوني ٽولي جي مقابلي ۾. هن فرمايو تہ  شهيد نصر الله ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غاصب صهيوني ٽولي جي دل ۾ دهشت پيدا ڪئي آهي. هو انهن سڀني مزاحمتي مجاهدن لاءِ طاقت جو عنصر هئا، جيڪي پنهنجي زمينن کي قبضو ڪندڙن کان بچائي رهيا آهن. شيخ علي نجفي وضاحت ڪندي فرمايو ته شهيد جو مقصد فلسطين کي پنهنجي ماڻهن ڏانهن واپس آڻڻ ۽ غاصب صهيوني ٽولي جي وجود کي ختم ڪرڻ، گڏوگڏ لبنان کي آزادي ۽ تحفظ ڏيڻ ھو.

حجة الاسلام والمسلمين شيخ علي نجفي دام عزہ وڌيڪ چيو ته سيد نصر الله (قدس سرہ) جي شهادت هڪ وڏو نقصان آهي، پر اهو مومنين ۽ مزاحمتي مجاهدن لاءِ هڪ وڏو اعزاز به آهي. انھن ان ڳالھ تي زور ڏنو ته اهو ڏوهه غاصب صهيوني ٽولي ۽ ان جي سڀني پيروڪارن لاءِ رسوائي جو سبب بڻجندو.





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو