النجف اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگردياڻين جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات

النجف اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگردياڻين جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات



9/10/2024


مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) نجفِ اشرف ۾ "النجف اسلامڪ آن لائن يونيورسٽي" جي شاگردياڻين جي وفد جو خير مقدم ڪيو.

 ان وفد ۾ هندستان، پاڪستان، آسٽريليا، برطانيا، ناروي، آمريڪا، ڪينيڊا ، متحد عرب امارات ۽ سعودي عرب مان شاگردياڻيون شامل هيون.

مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته آئون ان شخص کي طالبِ علم نٿو سمجهان جيڪو پنهنجي درسي معاملن ۾ هيٺين چار ضروري ڪمن کي پورا نٿو ڪري. پاڻ فرمايائون ته ابتدائي طالبِ علمي واري دور ۾ آئون ڇهه ڪم ڪندو هئس، پر اوهان کان رڳو چار ڪم ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو ، ۽ جيڪو انهن چار ڪمن تي عمل ڪندو، ان کي ٻيا ٻه ڪم به ٻڌائيندس:

1. استاد وٽ جيڪو سبق پڙهڻو آهي، ان جو مطالعو پاڻ ڪري ۽ بغير شرح جي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن شرح ڏسڻ تي مجبور ٿئي ته شرح مان مدد وٺي سگهي ٿو.

2. استاد جي درس دوران مڪمل ڌيان ڏئي، ايتري قدر جو استاد جي اٿڻي ويهڻي ۽ آوازن جي تبديلي تي به غور ڪري .

3. پنهنجي درسي ساٿيءَ سان پڙهيل سبق تي مباحثو ڪري.

4. جيڪا ڪتاب پڙهي رهيو آهي ان جو شروعات کان بار بار مراجعو ڪندو رهي.

مرجعِ عالي قدر (دام ظله) انهن شاگردياڻين جي وڌيڪ توفيق لاءِ دعا ڪئي ۽ نصيحت ڪئي ته پاڻ کي تقوى جي زيور سان سينگارين ۽ قول کان اڳ پنهنجي عمل سان تبليغ ڪن.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو