شھيد قائد علامه سيد عارف حسين الحسيني (طاب ثراه) جي فرزند جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات
14/10/2024
شھيد قائد علامه سيد عارف حسين الحسيني (طاب ثراه) جي فرزند مولانا سيد علي (حفظه الله) نجف اشرف ۾ مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندن مرڪزي دفتر ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران مولانا سيد علي (حفظه الله) مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) جي صحت ۽ سلامتي جي باري ۾ پڇيو ۽ سندن تندرستي لاءِ دعائون ڪيون.
مولانا سيد علي (حفظه الله) پارا چنار جي مومنن جا سلام بہ مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) جي خدمت ۾ پيش ڪيا.
مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) مولانا سيد علي حفظه الله جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندن لاءِ وڌيڪ توفيقات جي دعا ڪئي.
ان کان سواءِ انھن مسلمانن، خاص طور تي پارا چنار جي مومنن جي لاءِ سلامتي ۽ ڪاميابي جون خاص دعائون ڪيون.