ميڊيا ۽ صحافين جي وفد جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات

ميڊيا ۽ صحافين جي وفد جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات



16/10/2024


• توهان سڀني کي اکيون ۽ ڪن کليل رکڻ گهرجن تہ جيئن اوهان سماج کي حق ڏانهن رهنمائي ڪري سگهو.

مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ميڊيا ۽ صحافين جي وفد جو استقبال ڪيو، جنهن سان گڏ الفرات ٽي وي جو عملو بہ پڻ موجود هيو.

ان ملاقات ۾ ميڊيا جي سماجي ڪردار ۽ صحافين جي ذميوارين تي ڳالهايو ويو، خاص طور تي عوامي راءِ جي تشڪيل ۾ ۽ اهل بيت (عليهم السلام) جي فڪر ۽ منهج کي ڦهلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.

• سماج جي خدمت ۾ ميڊيا جي ڪردار جي ساراهه

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) پنهنجي گفتگوءَ ۾ ميڊيا جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو، ان کي "سماج جي زبان" قرار ڏيندي فرمايو تہ هي ماڻهن کي صحيح رستي ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو ۽ حقيقتون انهن جي سامهون آڻي ٿو. ۽ فرمايائون ته صحافين کي پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ حالتن کان سدائين واقف رهڻ گهرجي، ۽ پنهنجي پيشيواراڻي انداز ۾ سماج جي خدمت لاءِ نصيحت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

 پاڻ فرمايائون: "توهان کي اکيون ۽ ڪن کليل رکڻ گهرجن ته جيئن توهان دنيا ۾ ٿيندڙ حالتن کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهو؛ ته جيئن توهان حق ۽ انصاف جا رهنما ٿي سگهو."

• پيشيواراڻي ڪم ۽ پاڻ نگرانيءَ تي زور ڏيڻ

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) ميڊيا جي ماڻهن تي پيشيواراڻي ذميوارين جي پابندي ۽ سماج جي خدمت تي زور ڏنو، ياد ڏياريندي پاڻ فرمايائون ته تقويٰ الٰهي سان ڪم ڪرڻ وڏي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته عملن جي قبوليت ان سان وابسته آهي ۽ تقويٰ حاصل ڪرڻ جو پهريون قدم هي آهي ته انسان پنهنجي نفس جو محاسبو ڪري."

• ميڊيا جو ڪردار مذهبي ۽ سماجي قدرن جي اشاعت ۾

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) اسلامي قدرن ۽ اصولن جي اشاعت ۾ ميڊيا جي ڪردار جي اهميت تي روشني وڌي، اشارو ڪندي پاڻ فرمايائون ته هڪ مخلص صحافي خير جي دعوت ڏيڻ وارو ۽ ماڻهن کي رهنما ڪرڻ وارو ٿي سگهي ٿو، ڀلي ماڻهو سڌو سنئون ان جو احساس نه به ڪن. پاڻ ماڻهن جي رهنمائي بهترين طريقي سان جاري رکڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن توهان پنهنجي ملڪ عراق ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت جاري رکي سگهو. پاڻ فرمايائون: "عراق، امام علي عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جو عراق آهي، ۽ ان جي خدمت خلوص سان ڪرڻ گهرجي ته جيئن دنيا ۽ آخرت ۾ عمل قبوليت جو درجو حاصل ڪري سگهن."

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊيا جي ماڻهن تي وڏي ذميواري آهي ته اهي حقيقت کي عوام تائين پهچائين ۽ حالات جي وضاحت ڪن.

پاڻ فرمايائون ته اها ذميواري آسان ناهي ۽ ان ۾ اعليٰ مهارت سان جيڪو ڪجهه به ٿئي ٿو ان جي درست رپورٽنگ لاءِ عزم ۽ جرئت جي ضرورت هوندي آهي.

پاڻ پنهنجي ڳالھ جو اختتام انهن لاءِ ڪاميابي جي دعا ڪندي فرمايو: "مان الله کان دعا ٿو ڪريان ته هو توهان کي توهان جي شريف ڪم ۾ ڪامياب ڪري ۽ توهان جي قلمن کي حق جي رستي کي روشن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي."

ملاقات جي آخر ۾، ميڊيا جي وفد جي ميمبرن مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي قيمتي ڳالهين ۽ رهنمائين تي پنهنجي امتنان جو اظهار ڪيو.

انهن به اهو يقين ڏياريو ته هو حق جي رستي تي هلندا رهندا ۽ سماج جي خدمت ڪندا رهندا، جيڪو دين جي اصولن ۽ قومي قدرن مطابق هوندو.





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو