علامه سيد شهنشاه حسين نقوي (دام عزہ) جي مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) سان ملاقات
27/10/2024
مرجع مسلمین و جهانِ تشيع حضرت آيت اللہ العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف)، مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ حجة الاسلام والمسلمين علامه سيد شهنشاه حسين نقوي (دام عزہ) جو خيرمقدم ڪيو.
ملاقات دوران عام طور تي شيعيت جي معاملن ۽ خاص طور تي پاڪستان جي شيعيت ۽ عزاءِ حضرت امام حسين (عليه السلام) سان لاڳاپيل موضوعن تي گفتگو ٿي.
مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) انهن جي توفيقات ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ خدا جي بارگاه ۾ دعا ڪئي.
ٻئي پاسي، علامه موصوف پنهنجي قيمتي وقت ڏيڻ ۽ پدري نصيحتن تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.