حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي قيادت ۾ نجف اشرف ۾ جلوس عزاءِ فاطميه جو اهتمام

حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي قيادت ۾ نجف اشرف ۾ جلوس عزاءِ فاطميه جو اهتمام



16/11/2024


حضرت امير المؤمنين (عليه السلام) ۽ حضرت امام زمانہ (عج) جي مبارڪ خدمت ۾ سندس جدہ ماجده جي مظلومانه شهادت جو پرسو پيش ڪرڻ لاءِ مرڪزي دفتر نجف اشرف کان حرم حضرت امير المؤمنين امام علي (عليه السلام) تائين سالياني جلوس عزاءِ فاطميه جي قيادت مرجع مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) ڪئي، جنهن ۾ حوزہ علميه نجف اشرف جي فضلاء، علماء، اساتذه، طلاب ۽ مومنن ڀرپور تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

• عزاءِ فاطميه جو احياء اهل بيت (عليهم السلام) سان وفاداري ۽ حقيقي اسلام محمدي جي تجديد آهي

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) فرمايو ته بيشڪ عزاءِ فاطميه جو احياء اهل بيت (عليهم السلام) سان وفاداري ۽ حقيقي اسلام محمدي جي تجديد آهي، ۽ حضرت فاطمه زهرا (عليها السلام) پنهنجي والد (صلوات الله عليه وآله) جي دين جي دفاع ۾ مصائب ۽ ڏک برداشت ڪيا ۽ ان راھ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون.

• سيده زهراء (سلام الله عليها) انسانيت جي ڪمال جي علامت آهن 

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) فرمايو ته سيده زهراء (سلام الله عليها) انسانيت لاءِ هڪ عظيم مثال ۽ حقيقي ڪمال جي تجسيم آهن، جنهن کي الله تعالى انسان لاءِ پسند ڪيو آهي. پاڻ سڀني مومنن، خاص ڪري عورتن کي دعوت ڏني ته اهي سيده جي سيرت کي هڪ مثالي نياڻيء، زال ۽ ماءُ جي طور اختيار ڪن.

• عزاءِ فاطميه مقدس شعائر جي بقا آهي 

ٻئي طرف مرجع عالي قدر (دام ظله) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) پنهنجي بيان ۾ فرمايو ته جلوس عزاءِ فاطميه ساليانو سلسلو آهي، جنهن جي ذريعي مومن ظلم ۽ دهشتگرديء جي سڀني قسمن، ڀلي اهي ڪنهن به وقت سان لاڳاپيل هجن، جي انڪار ۽ براءت جي تجديد ڪن ٿا. هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو ته سيده زهرا (سلام الله عليها) تي حملو اسلامي امت تي ايندڙ سڀني مصيبتن جي ابتداء ۽ شروعات هئي.

• وفا ۽ قربانيء جو پيغام 

حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) زور ڏنو ته عزاءِ فاطميه اهل بيت (عليهم السلام) سان وفاداريءَ ۽ محبت جو هڪ مسلسل اعلان آهي، ۽ اها ان ڳالهه جي تصديق آهي ته حق ۽ عدل جي لاءِ قربانيء جو سلسلو جاري رهندو، جنهن جي دفاع ۾ حضرت فاطمه (عليها السلام) عظيم قربانيون ڏنيون.

واضح رهي ته اهو ساليانو جلوس عزاء مرڪزي دفتر کان شروع ٿي، حرم امير المؤمنين (عليه السلام) تي اختتام پذير ٿيو، جتي مجلس عزاء جو اهتمام ڪيو ويو ۽ جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙن حضرت امير المؤمنين (عليه السلام) جي خدمت ۾ تعزيت ۽ پرسو پيش ڪيو.