فرزند مرجعيت جي ڪربلاء مقدس بين الحرمين ۾ شهيد سيد مقاومت جي چهلم جي مجلس ۾ شرڪت ۽ مومنين کي خطاب

فرزند مرجعيت جي ڪربلاء مقدس بين الحرمين ۾ شهيد سيد مقاومت جي چهلم جي مجلس ۾ شرڪت ۽ مومنين کي خطاب



17/11/2024


مرجع مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند،مرڪزي دفتر جي سربراھ  ۽ انوار نجفيه فائونڊيشن جي سربراھ حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) ڪربلاء مقدس بين الحرمين ۾ شهيد سيد مقاومت علامه سيد ح-س-ن -ن-ص-ر الله (رضوان الله تعالى عليه) جي مجلس چھلم ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي، حجة الاسلام شيخ علي نجفي دام عزه  مجلس ۾ موجود سماج جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ مومنين سان خطاب ڪيو.

خطاب جا اهم نڪتا 

خطاب جي شروعات ۾، شيخ علي نجفي(دام عزہ) شهيد جي شهادت تي تعزيت پيش ڪئي ۽ مومنن جي ايمان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ الله تعالى سان سندن تعلق کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهم نقطا بيان ڪيا.

شهيد سيد مقاومت جي خصوصيتون 

شيخ علي نجفي(دام عزہ) فرمايو ته شهيد سيد مقاومت پنهنجي دور ۾ هڪ روشن مثال هئا. انهن جو الله تعالى تي مڪمل توڪل هو، چاھي اھي ان جا ننڍا عمل هجن يا وڏا. پنهنجي حياتي الله تعالى جي رضا ۽ ان جي حڪمن جي پيروي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندن زندگي ۽ عبادت الله جي رضا لاءِ ئي هئي ۽ اهو ئي سبق اسان سڀني لاءِ آهي ته اسان جا عمل به الله جي رضا لاءِ هجن ۽ اسان پنهنجون زندگيون ان ئي مقصد لاءِ وقف ڪريون.

امام حسين (ع) سان تعلق 

شيخ علي نجفي (دام عزہ) وڌيڪ فرمايو ته شهيد سيد مقاومت جو امام حسين (عليه السلام) سان واضح ۽ مضبوط تعلق هو، جيڪو "هيهات منا الذله" جي نعري جي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. سيد شهيد عاشوراء جي پيغام کي عملي طور پنهنجي زندگي ۾ لاڳو ڪيو. ۽ پاڻ پنھنجي رستي تي  اطمينان سان اڳتي وڌندا رھيا ۽ اھو اطمينان "نفس مطمئنه" جي چٽي علامت ھيو.

فلسطيني مسئلي تي موقف 

فلسطيني مسئلي جي حوالي سان شيخ علي نجفي (دام عزہ) فرمايو ته شهيد سيد مقاومت جو موقف واضح ۽ روشن هو. انهن فلسطيني حقن لاءِ بيباڪيءَ سان جدوجھد جاري رکي ۽ سيد شھيد ۽ سندن ساٿي پنهنجي اصولن تي ثابت قدميءَ سان رھندي پنھنجي موقف ۾ وضاحت ۽ استقامت کي برقرار رکيو ۽ ان مان اھو ثابت ٿو ٿئي ته انھن جو عزم ۽ پختو ايمان سندن زندگي ۽ جدوجهد جي هر مرحلي ۾  نمايان ھو۰

دشمنن جي سازشن کي بي نقاب ڪرڻ 

شيخ علي نجفي(دام عزہ)  ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته اسلام دشمن قوتون پنهنجي وسيلن سان اسلامي قدرن ۽ ديني سڃاڻپ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. تاڪ امت مسلمہ کي تابع ۽ مغلوب ڪري سگھون پر شهيد سيد مقاومت انهن جي ناپاڪ عزائم کي بي نقاب ڪيو ۽ ان راهه ۾ پنهنجي جد امام حسين (عليه السلام) جي سنت تي عمل ڪندي شهيد ٿي ويا.

اختتامي دعا 

شيخ علي نجفي (دام عزہ) خطاب جي پڄاڻي دعا سان ڪئي: 

"الله تعالى صاحب العصر والزمان (عج) جي ظهور ۾ جلدي فرمائي ۽ مومنين تي امن ۽ سک جي نعمتون عطا ڪري."





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو