مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان مختلف وفدن جون ملاقاتون ۽ زيارت جي اهميت تي زور

مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان مختلف وفدن جون ملاقاتون ۽ زيارت جي اهميت تي زور



23/11/2024


مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ پاڪستان مان آيل زائرن جي مختلف وفدن جو ڀليڪار ڪيو، جن ۾ حجة الاسلام علامه سيد شهنشاهه حسين نقوي (دام عزّه) ۽ ايم پي اي جناب سيد اسد عباس صاحب به شامل هئا.

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) زائرين سان خطاب ڪندي زيارت امام حسين عليه السلام جي اهميت تي زور ڏنو. پاڻ فرمايو ته هڪ وقت اهو به هو جڏهن عاشقانِ امام حسين عليه السلام کي زيارت لاءِ پنهنجا هٿ ۽ پير به قربان ڪرڻا پوندا هئا، پر اڄ جي دور ۾ زائرن کي اهي مشڪلاتون نه ڀوڳڻيون پون ٿيون.

پاڻ روايتن جو حوالو ڏيندي فرمايو ته زيارت کي هڪ مقصد سان انجام ڏنو وڃي. ۽ زائرن کي اها دعا ڪرڻ گهرجي ته الله تعاليٰ انهن جون زيارتون قبول فرمائي. ان کان علاوه مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) زور ڏنو ته هر معصوم عليه السلام جي ضريح تي گناهن کان پاسو ڪرڻ جو عهد ڪيو ۽ زيارت کانپوءِ پنهنجي زندگي ۾ مثبت تبديليون آڻيو.







ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو