عراق ۾ لبناني سفير جي حضرت آيت الله العظمٰى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات
20/5/2025
مرجع مسلمين وججان تشيع حضرت آيت الله العظمٰى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلّه الوارف) نجف اشرف ۾ قائم پنهنجي مرڪزي دفتر ۾ جمهوريه لبنان جي سفير جناب علي الحبحاب ۽ سندن گڏيل وفد جو استقبال ڪيو۔
مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) ملاقات دوران عراق ۽ لبنان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن تعلقات کي مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، خاص ڪري هاڻ غير معمولي حالتن جي تناظر ۾ جن مان خطو هن وقت گذري رهيو آهي، ۽ انهن ڪوششن جي ساراهه ڪئي جيڪي لبناني سفارتخانو لبناني ڪميونٽي جي فردن ۽ سيد الشهداء عليه السلام جي روضه مبارڪ جي زائرن جي خدمت لاءِ انجام ڏئي رهيو آهي۔
پنهنجي طرفان، سفير جناب الحبحاب مرجع عالي قدر دام ظلّه الوارف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خلوص دل سان قدرداني جو اظهار ڪندي، ان نمايان انساني ڪردار جي تعريف ڪئي جيڪو دفتر مرجعيت عراق ۽ لبنان ۾ مهاجرن جي مدد ۽ حمايت جي سلسلي ۾ ادا ڪري رهيو آهي۔