عراق ۾ ڪويت جي سفير جي حضرت آيت الله العظمٰى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات

عراق ۾ ڪويت جي سفير جي حضرت آيت الله العظمٰى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات



20/5/2025


مرجع مسلمين حضرت آيت الله العظمٰى الحاج حافظ بشير حسين نجفي دام ظلّه الوارف نجف اشرف ۾ قائم پنهنجي مرڪزي دفتر ۾،عراق ۾ ڪويت جي سفير جناب حسن محمد الزمان ۽ سندن گڏيل وفد جو استقبال ڪيو۔

ملاقات جي شروعات ۾ مرجع عالي قدر دام ظلّه الوارف عراق ۽ ڪويت جي وچ ۾ سماجي، سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ ٻطرفن تعلقات کي مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي مفادن جي خدمت ڪري سگهجي۔

مرجع عالي قدر دام ظلّه الوارف وڌيڪ فرمايو ته عراقي ۽ ڪويتي قومن ٻنهي اڳئين ظالم نظام جي ظلم ۽ زيادتين کي ڀوڳيو آهي، ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن مرحلي مان فائدو وٺندي ٻنهي پاڙيسري قومن جي وچ ۾ ڀائچاري جي رشتن کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏنو وڃي۔

ٻئي پاسي، ڪويتي سفير مرجع عالي قدر دام ظلّه الوارف جو پرجوش استقبال ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ اسلامي ملت ۽ حوزہ علميه جي خدمت ۾ سندس نمايان ڪردار جو اعتراف ڪندي ان تي زور ڏنو۔

ان کان سواءِ، مهمان سفير ملاقات جو قيمتي موقعو فراهم ڪرڻ تي مرجع عالي قدر دام ظلّه الوارف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اعتدال جي ثقافت کي عام ڪرڻ ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڀائچاري جي رشتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار جي ساراهه ڪئي۔



ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو