اسان پنهنجي سلوڪ، روين ۽ شعور ۾ حسيني بڻجون
12/7/2025
مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيتُ الله العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين النجفي (دامَ ظلّهُ الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير، حجة الاسلام الشيخ علي النجفي (دامَ عِزُّه)، ڪربلاءِ معلىٰ ۾ واقع حسينيه الحاج جاسم هنّون ۾ شب عاشور جي موقعي تي منعقده مجلسِ عزا ۾ شريڪ ٿيا ۽ حاضر سامعين سان خطاب فرمايو۔
خطاب ڪندي، پاڻ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته امام حسين عليه السلام جي قيام جو مقصد اُمت ۽ سماج جي اصلاح لاءِ هو، ۽ اها اصلاح هر فرد جي روزاني زندگيءَ ۾ به ظاهر ٿيڻ گهرجي۔
پاڻ واضح ڪيو ته هيءَ اصلاح انسان جي الله تعاليٰ سان تعلق ۽ محبت مان شروع ٿئي ٿي، پوءِ جڏهن ماڻهو شريعت جي حڪمن جي پابندي ڪندي پاڻ ۾ معاملا ڪن ٿا ته اها اصلاح سماج ۾ نمايان ٿئي ٿي، ۽ آخرڪار اها اصلاح تڏهن مڪمل ٿئي ٿي جڏهن انسان پنهنجي ذات کي سڌاري، پنهنجي نفس کي قابو ۾ رکي، ۽ ان جي اهڙي طريقي سان تربيت ڪري، جيڪا الله سبحانہ وتعالى کي پسند هجي۔
هيءَ ئي اُهو مقصد آهي، جنهن کي امام حسين عليه السلام پنهنجي مبارڪ تحريڪ وسيلي مجسم ڪري ڏيکاريو۔
الشيخ علي النجفي (دامَ تاييدُه) وڌيڪ فرمايو ته امام حسين عليه السلام، جيڪي جنت جي جوانن جا سردار آهن، پنهنجي جان، پنهنجي اهلِ بيت عليهم السلام، ۽ پنهنجي باوفا ساٿين جون عظيم قربانيون پيش ڪيون ته جيئن امت کي گمراهي ۽ انحراف کان بچائي سگهن۔
پاڻ انهيءَ ڳالهه جي دعوت ڏني ته اسان تي لازم آهي ته پنهنجي اخلاق، سلوڪ ۽ شعور ۾ حسيني بڻجون، جيئن امام حسين عليه السلام پاڻ اسان کي ڏسڻ چاهين پيا ۽ چاهين ٿا۔
ان کان علاوه، هنن شعائرِ حسينيه جي احيا، مجلسن جي قيام، ۽ سيدُ الشهداء امام حسين عليه السلام جي زيارت جي اهميت تي زور ڏنو۔
پاڻ اهلِ بيت عليهم السلام جي انهن روايتن جو حوالو ڏنو، جن ۾ امام حسين عليه السلام جي زائرن جي عظمت، ۽ سندن الله تعالى، امام حسين عليه السلام، ۽ سندن پاڪ آباءِ و ابناء اطهار عليهم السلام جي نزديڪ بلند مقام کي بيان ڪيو ويو آهي۔
آخر ۾ پاڻ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙا مخلص ۽ وفادار مؤمن، جيڪي خالص نيت ۽ سچي ولايت سان حسيني مسئلي کي زنده رکن ٿا ـ جيڪو مسئلو پنهنجي مظلوميت ۽ شرعيت بابت سڀني وٽ مسلّم آهي ـ انهن جا نالا نوراني صحيفن ۾ لکيل آهن۔