مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ڪھڙو اثر مترتب ٿيندو ؟ ۽ ڪھڙو فرق آھي ان ۾ ته ھڪ شيءَ دين جي اصولن مان ھڪ اصول آھي ۽ ھڪ شيءَ مذھب جي اصولن مان ھڪ اصول آھي ۽ انهن عقيدن جي درميان ڪيئن تشخيص ڏجي جيڪي قرآن ۽ سنت شريف ۾ وارد ٿيا آھن ته اھي دين جي اصولن مان آھن يا مذھب اصولن جي مان آهن؟ ڇا اهي جن جي باري ۾ تمام گھڻو تاڪيد ٿيل آهي؟ يا جنھن جي مخالفت ڪرڻ ۽ ترڪ ڪرڻ تي سخت عذاب جودڙڪو ڏنل آهي؟ يا اھو اھڙو اصول ھجي جنھن جي ترڪ ڪرڻ جي ڪنھن کي به معافي نه ھجي؟ يا انھن کان علاوه ڪي ٻيا معيار آھن؟؟
جواب:بسمہ سبحانہ اصول دين اھڙن عقيدن کي چئبو آھي جن مان ڪنھن به ھڪ جي انڪار ڪرڻ سان انسان اسلام کان خارج ٿي وڃي ٿو، ۽ اصول دين ھيٺين عقيدن جو نالو آھي الله تعالى جي ذات تي عقيدو رکڻ ، ۽ اھو عقيدو رکڻ ته اھو اڪيلو آھي، جنھن جو ڪو به شريڪ نه آھي. ۽ سندس صفات ثبوتيہ ۽ سلبيہ جوعقيدو رکڻ ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نبوت جو عقيدو رکڻ ۽ اهو عقيدو رکڻ ته پاڻ ڪريم جن خاتم الانبياء آھن اھو عقيدو رکڻ ته قرآن الله تعالى جو ڪتاب آھي ۽ قيامت جي ڏينھن تي عقيدو رکڻ .جنھن شخص به انھن عقيدن مان ڪنھن هڪ جو به انڪار ڪيو ته اھو ڪافر آھي. ليڪن اصول مذھب اھڙن عقيدن کي چئبو آھي جن مان ڪنھن به ھڪ جي انڪار ڪرڻ سان انسان ان مذھب کان نڪري ويندو آھي. ۽ شيعا ٻارنهن امامي مذهب جي مطابق مذڪورہ عقيدن سان گڏوگڏ ٻارنھن امامن جي امامت جو عقيدو رکڻ ۽ انھن جي عصمت جو عقيدو رکڻ ۽ جناب سيده سلام الله عليھا جي عصمت جو عقيدو رکڻ اھي تمام عقيدا عقائد جي لکيل ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل آھن . والله الهادي وهو العالم.
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو