مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ڇا جائز آھي ته امام مهدي صلوات الله عليہ ڏانهن عريضي لکڻ کان پوء ان لکت جي مٿان ليڪا پائي ڇڏجن يا عريضي ۾ لکيل شيء پوشيده رکي يعني ھڪ شخص امام عليه السلام ڏانهن عريضو لکي ٿو ته انکي خوف آھي ته ڪوئي انکي پڙھي نه وڃي يا ان عريضي تي لکي نه وڃي ۽ چئي مان امام مھدي آھيان ۽ ھي جواب آھيان ڪري ڇو جو گھڻن ماڻھن امام مھدي ھجڻ جي دعوي ڪئي آھي لھذا ھن مؤمن عريضي لکڻ کان پوء ان تي ليڪا پائي ڇڏيا مثلا پينسل سان لکيل ھيو ته ان تي رٻڙ گھمائي ڇڏيو يا اھڙو ڪو ٻيو طريقو ڪيو اھڙيءَ طرح جو اھا لکت واضح انداز ۾ ظاھر نه ٿئي ۽ پوء انکي چشمي يا نھر ۾ اڇلائي ڇڏيائين ته ڇا اھو جائز آھي؟ جڏھن ته امام زمانہ صلوات الله عليہ الله تعالي جي اذن سان اھو ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھ ان عريضي ۾ لکيل آھي ڀلي ان لکت تي ليڪا ھي ڇون پاتل ھجن يا انجي معني ئي ڇون مخفي ھجي ڇا اھوڪرڻ جائز آھي؟ يا واجب آھي ته واضح انداز ۾ لکيل ھجي جڏھن ته اھو معلوم آھي جڏھن اسان بعض افرادن کان پڇو ته انھن چيو ڪافي آھي ڀلي توھان اشاري ڪنايي سان لکو سڄو واضح انداز ۾ لکڻ ضروري نه آھي ڇو جو امام مهدي صلوات الله عليہ الله تعالي جي فضل سان جيڪو ڪجھ لکيل آھي ڄاڻي ٿو ۲:يا لکڻ واري کي خوف آھي ته اھو عريضو نھر ۾ اڇلائڻ کان پوء ماڻھو ايندا ۽ ان چشمي يا نھر ۾ اھو عريضو ڏسندا پوء ان کي کڻي ڦاڙي ڇڏيندا زمين تي اڇلائيندا يا ڪچري ۾ اڇلائيندا (افسوس انھن تي) ته توھان جي راءِ ڇا آھي؟
جواب:بسمہ سبحانہ مطلوب اھو آھي ته لکت واضح انداز ۾ لکيل ھجي ان کان علاوہ بي ادبي آھي ان جي حق ۾ جنھن ڏانھن خط موڪليو ٿو وڃي اگر توھان کي خوف آھي تہ ڪوئي ان کان آگاھ نہ ٿي وڃي ته اھو ممڪن آھي ته اھو شخص لکڻ واري کي سڃاڻي وٺي ان جي لکڻ جي انداز ۽ مان لکت مان واللہ وھو العالم
سوال:بحارالانوار جي هڪ دعا ۾ آهي ته حضرت جبرائيل رسول خدا (صلى الله عليه وآله وسلم) تي کلندي نازل ٿيو ۽ چيائين ته الله تعالى تو ڏانهن خزاني منجهان ڪجھ ڪلمات موڪليا آهن ( يا من اظهر الجميل و ستر القبيح يا من لم يؤخذ بالجريرة و لم يهتک الستر..الخ ) اي اها ذات جنهن ڀلائي کي ظاهر ڪيو ۽ برائي کي لڪايو، اي اها ذات جنهن کي جرم تي ڪو پڪڙ نه ڪندو، ۽ نه وري ڪو ستر چاڪ ڪندو.. الخ. پوءِ رسول الله ص فرمايو: هنن ڪلمات جو ثواب ڪيترو آهي؟ حضرت جبرائيل )ع( فرمايو: اها ڳالهه پري آهي، هو انکي پنهنجي رحمت سان ڍڪيندو ۽ کيس دنيا ۽ آخرت جي هزار ڍڪن سان ڍڪيندو..: الخ ڇا هي راويت صحيح آهي، ۽ اگر صحيح نه آهي ته پوءِ ان تي قاعده ”تسامح في السنن“ جي بنا تي عمل ڪري سگهجي ٿو، جيئن عالم سڳورا دعا سان مربوط روايتن جي باري ۾ چون ٿا، يا نه؟
جواب:بسمہ سبحانہ اهو ڄاڻڻ گهرجي ته دعائن جي ڪتابن بابت اسان جي عالمن سڳورن جي اها سيرت رهي آهي ته اهي انهن جي دعائن کي پڙهندا. ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪندا آهن، جڏهن اهي معتبر ڪتابن ۾ پاتيون وڃن، جيئن مٿين دعا آهي، جو شيخ صدوق )رض( هن دعا کي پنهنجي ڪتاب ”التوحيد“ ۾ ذڪر ڪيو آهي جيڪو اوهان کي به پڻ معلوم آهي، ۽ ”قاعده تسامح في ادلة السنن“ جي اسانکي ضرورت نٿي پوي، خاص ڪري هن دعا بابت جنهن جي جملن ۽ مضمون جي صحيح هجڻ تي قرآن مجيد جون آيتون ۽ مضبوط دليل گواهي ڏين ٿا، والله الموفق
سوال:مان ۽ منهنجي امڙ ڪورٽ، ۽ ان عمل جي انجام ڏيڻ لاءِ گهڻين مشڪلاتن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون ،ڇا اوهان لاءِ اهو ممڪن آهي ته مونکي اهو ٻڌايو ته ان پريشاني لاءِ آءٌ ڇا ڪريان؟
جواب:بسمہ تعالى اي پُٽ توکي ۽ اهڙيءَ ريت تنهنجي ماء کي گهرجي ته هر رات سؤ آيتن جي تلاوت ڪريو، ۽ تلاوت کانپوءِ نبي ڪريم (ص) ۽ سندس آل تي صلوات پڙهو، ۽ هنن لفظن سان دعا گهر( اللهم اني اسالک باسمک العظيم الاعز الاجل الاکرم يا الله) اي الله مان تو کان تنهنجي وڏي، غالب، بزرگ، ۽ مهربان نالي سان سوال ڪريان ٿو ته اي الله. ۽ لفظ ”يا الله“ جو ست ڀيرا تڪرار ڪريو، ۽ نماز تهجد کي پابنديءَ سان انجام ڏيو، ۽ الله تعالى کان اميد ڪريون ٿا ته توهان تي احسان ڪري سلامتي ۽ دماغي سڪون عطا ڪري . والسلام
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو