مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:الله تعالى پنھنجي ھن قول ۾ ارشاد فرمايو ته اي نوح تنھنجو پٽ تنھنجي اهل مان ناھي ۽ نوح ع فرمايو ته ھي منھنجو پٽ آھي ، ڇا نوح ع پنھنجي دعوا ۾ غلط بياني ڪئي آھي ؟
جواب:بسمہ سبحانہ اي منھنجا پٽ تون ڄاڻ ته انسان جي اولاد پٽ توڙي ڌيءَ انسان جو اھل آھن ۽ اھو ولادت تڪويني جي لحاظ کان آھي ، ليڪن خدا تعالي ڪجهه اولاد کي انھيءَ صفت کان جو ھي پيءَ يا ڏاڏي جي اھل مان ٿئي انهيءَ کان محروم ڪندو آھي پوء انھيءَ پٽ کي اھل جا احڪام شامل ناھن ٿيندا . مثال طور جيڪڏهن پٽ پيءُ جو قاتل ھجي ته اھو پنھنجي پيءُ جي ميراث کان محروم رھندو ، اھڙي طرح نبيءَ جي اولاد به نبيءَ جي اھل مان ھوندي آھي پر جيڪڏهن انھن منجھان ڪو قولا يا عملا يا ٻنھين سان دين جو ملتزم نه ھجي ته الله تعالي ان کي آل جي صفت کان محروم ڪندو آهي ۽ نوح جي آل جي صفت ھئي ته اھي غرق ٿيڻ کان محفوظ رھندا ليڪن نوح ع جو پٽ پنھنجي غير صالح عملن سبب ان شرف (عذاب خدا يعني غرق ٿيڻ کان بچڻ ۽ جھنم جي باھ ۾ داخل ٿيڻ) کان محروم رھيو اھا ئي معني آهي الله جي ان قول جي ته تنھنجو پٽ تنھنجي اھل مان ناھي يعني اھو غرق کان نجات واري شرف جو مستحق ناھي جيڪو نوح ع ۽ آل نوح لاء مخصوص ھيو . واللہ الهادي وھو العالم
سوال:خدا وند عالم جي ھن قول ۾(وعصى آدم ربه فغوى) عصيان (نافرماني) جو ڪھڙو قسم مراد آهي؟
جواب:بسمہ سبحانہ اسان انهن آيتن جي بيان ۾ ٻڌايو آهي جيڪي نبين جي عصمت جي باري ۾آيون آهن خاص ڪري اھي آيتون جن جي ذريعي نبين کان نافرماني صادر ٿيڻ تي دليل پيش ڪيو ويو آهي ۽ توهان جي لاءِ تحقيق جو نتيجو بيان ڪريون ٿا عصيان جي معني آهي خدا جي حڪم جي نافرماني پرعصيان ڪڏهن ارشادي ھوندو آھي (اگر اھا نافرماني نه ڪجي ته بهتر آهي) ۽ ڪڏهن عصيان تڪليفي ھوندو آھي (مثال واجب، حرام) ۽ جيڪا نافرماني عصمت جي خلاف آهي اھا ٻئي قسم واري آهي پھرين قسم واري نافرماني عصمت جي خلاف ناهي ان جو دليل ته خدا وند عالم حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حواء کي روڪيو وڻ جي ويجھي وڃڻ کان اھو حڪم ارشادي آهي اھي آيتون آهن جيڪي دلالت ڪن ٿيون ته ان وڻ جي ويجهو وڃڻ زحمت جو سبب بڻبو ۽اگر ويجهو نه وڃن ته سڪون سان رھنداپر حضرت آدم عليه السلام زحمت واري زندگي کي قبول ڪيو بلند درجن کي حاصل ڪرڻ جي شوق ۾۽ ان ۾ڪامياب ٿيو ان جي گواھي خدا وند عالم پنھنجي ھن فرمان سان ڏئي ٿو (إن الله اصطفى آدم ونوحا) حڪم تڪليفي جي نافرماني سبب ٿي ٿئي ته انسان معافي طلب ڪري ۽سزا کان بچي ائين ناهي جو ان نافرماني جي ڪري درجا بلند ٿين ان تي اھا آيت دلالت ڪري ٿي جنهن ۾ چونڊڻ جو ذڪر آهي بس حضرت آدم عليه السلام ھن دنيا کي چونڊيو وڏي رتبي لاءِ جيڪو الله آدم لاءِ معين ڪيو ھو زحمت برداشت ڪرڻ جي بدلي. والله الهادي وهوالعالم
سوال:خداوند سبحان جي ھن فرمان(ياايهاالنبي قل لّزواجك وبناتك ) ۾ ڇا رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جن کي بيبي فاطمه سلام الله عليها کان علاوه ٻيون به نياڻيون ھيون؟
جواب:بسمہ سبحانہ انھيءَ ۾ڪو شڪ نه آهي ته رسول الله جي زماني ۾پاليل نياڻيءَ کي به ڌيءَ سڏيو ويندو هو بلڪ ھر قوم جي سردار جي لاءِ ان قوم جي ڇوڪرين کي رئيس لاءِ ڌيئرون سمجھيو ويندو هو جيتوڻيڪ انھن تي ڌيئرن وارا شرعي حڪم نه لڳايا ويندا هئا ۽ انھيءَ سبب جي ڪري جو رسول الله فرمايو آهي ته آءُ ۽ علي ھن امت جا بابا آھيون ان سبب جي ڪري مومنياڻين کي رسول الله جون نياڻيون چيو ويو آهي اھڙيءَ ريت رسول الله جي پاليل نياڻين کي به ان جون نياڻيون چيو ويو آهي. والله الهادي
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو