مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ذڪر ڪيو ويو آهي ته (امام ع جي ظهور لاءِ) سفياني، يماني ۽ خراساني جو خروج يقيني نشانين منجهان آهي ...الخ . ڇا انهن ۾ بداء واقع ٿيندي يا اهي ضرور واقع ٿينديون؟ ڪجھ جو چوڻ آهي ته انهن ۾ بداء ٿيڻ ممڪن آهي، ۽ اهي واقع نه ٿينديون ۽ امام زمانه (عليه السلام) جو ظهور ٿي ويندو. يا اهي نشانيون ضرور واقع ٿينديون انڪري ته اهي يقيني نشانيون آهن. يا الله تعالى پنهنجي قدرت سان انهن کي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ انهن ۾ بداء واقع ٿيندي ۽ اهي واقع نه ٿينديون، انڪري ته الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي، ۽ الله تعالى پاڻ تي ڪا به شيءِ لازم ناهي ڪئي جنهن کي مَٽائي نه سگهي، بس الله تعالى ان تي قادر آهي ته انهن کي يقيني نشانيون قرار نه ڏئي، پوءِ انهن ۾ بداء واقع ٿيندي ، ۽ امام ع انهن يقيني نشانين کان بغير ظهور فرمائيندو. يا انهن يقيني نشانين جو واقع ٿيڻ ضروري آهي؟
جواب:بسمہ سبحانہ روايتن ۾ ڪجھ نشانين جي لاءِ اهو بيان ٿيو آهي ته انهن ۾ بداء واقع نه ٿيندي، پر اسان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته سڀ ڪم الله تعالى جي قدرت ۾ آهن هو جيڪو چاهيندو آهي اهو ڪندو آهي ۽ جنهن کي ڇڏڻ چاهيندو آهي انکي ڇڏيندو آهي، ۽ اها شيءِ جيڪا ثابت ٿيل آهي ۽ جنهن ۾ بداء واقع نه ٿيندي اهو الله تعالى جي عظيم وليءَ امام زمانه (ع) جو ظهور ۽ انجو پنهنجي ناني رسولِ خدا (ص) جي شريعت جي روشنيءَ ۾ پوريءَ دنيا جي قيادت ڪرڻ آهي. والله العالم
سوال:نهج البلاغه جي پهرين خطبي ۾ امام علي (ع) جي هن قول جي معنى ڇا آهي: هو (الله) آهي ٿيو ناهي، هو موجود آهي پر عدم مان وجود ۾ نه آيو آهي، هو هر شيءِ سان گڏ آهي پر شيئن جي گڏجڻ وانگر نه، ۽ هر شيءِ کان جدا آهي پر شيئن جي جدا ٿيڻ وانگر نه...آخر تائين؟“
جواب:بسمہ سبحانہ اهو ڄاڻڻ گهرجي ته حدث نئون وجود وٺڻ آهي جيڪو امڪان جو لازمو آهي، ۽ الله واجب الوجود آهي جنهن ۾ حدث ناممڪن آهي، ۽ الله کان علاوه سڀ موجودات ممڪن آهن، پهريائين نه هئا پوءِ ٿيا آهن، ۽ الله تعالى واجب الوجود آهي ۽ هو پنهنجيءَ ذات سان قديم آهي ۽ پنهنجي ذات جي ڪري قديم آهي ، ۽ مسافت جي اعتبار کان ويجهو ۽ پري ٿيڻ امڪان رکندڙ ڪائنات جو لازمو آهي، ۽ اهو مقولاتِ اضافيه مان ڪنهن هڪ سان متصف ڪرڻ آهي، جڏهن ته الله تعالى امڪان رکندڙ مقولات جي جنس کان ٻاهر آهي. (۽ هر شيءِ کان جدا آهي پر شيئن جي جدا ٿيڻ وانگر نه) يعني الله تعالى واجب الوجود آهي، ۽ هو ان واجب الوجود سان پاڻ کان علاوه سڀني ممڪن موجودات کان جدا آهي، پر هي جدائي عقلي آهي، عرضي ۽ اضافي مقولات سان ڪنهن هڪ جي ذريعي نه آهي. والله العالم
سوال:امام منتظر (عجل الله فرجه الشريف) جي زندھ ھجڻ تي قرآن مان ڪھڙو دليل آهي؟
جواب:بسمہ سبحانہ خدا وند عالم جو فرمان (إذا جاء نصرالله والفتح ورأيت الناس يدخلون في دين الله أفوجا) الف ۽ لام الناس ۾ اھو دليل آهي عموم استغراقيءَ جو( معني سڀ ماڻهون مراد آهن ) ۽ اھا معني ته سڀ ماڻهو دين اسلام ۾داخل ٿين ھن وقت تائين وجود ۾نه آئي آهي جڏهن ته خدا وند عالم ھن آيت جي روشني ۾ واعدو ڪيو آهي ته سڀ ماڻهو دين اسلام ۾ داخل ٿيندا بس واعدي جي پوري ٿيڻ لاءِ ضروري آهي واعدي کي پوري ڪرڻ واري جو ھجڻ. والله العالم
سوال:ڪھڙو عقلي دليل آهي امام صاحب عصر وزمان جي موجود ھجڻ تي؟
جواب:بسمہ سبحانہ خدا وند عالم قرآن نازل ڪيو ۽ نبي اعظم کي موڪليائين ته دين اسلام کي پوري ڪائنات تائين پکيڙي پر دين اسلام ھن وقت تائين پوري دنيا ۾ پکڙيو نه آهي بس ضروري آهي ته خدا جي طرفان ھڪ وسيلو دين اسلام کي پکيڙڻ لاءِ هجي ته جيئن خدائي عدل جو قيام ٿئي. ۽ معاشري ۾ خدائي عدل جو قيام هڪ عادل حڪمران جو محتاج آهي. والله الهادي وهوالعالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو