مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ڇو ڪجھ ڏينھن ۾منهنجو ايمان مضبوط ٿئي ٿو ۽ عبادت واراڪم انجام ڏيان ٿو ته جيئن پنهنجي نماز جي ذريعي الله پاڪ جي گھڻو ويجهو ٿي سگھان پر ڪجھ حادثن؛ واقعن ۽ ڪجھ تبديلين جي ڪري پنهنجيءَ پراڻيءَ حالت تي موٽي اچان ٿو ۽اھا نااميدي آهي جيڪا سبب ٿي ٿئي الله پاڪ کان دوريءَ جو ۽پنھنجو پاڻ کي بد مزاج محسوس ڪريان ٿو پوءِ وري توبہ ڪريان ٿو ۽ مضبوط ايمان ڏانهن واپس ٿيان ٿو ته ڇا ھن جو سبب مضبوط ايمان جو نه ھجڻ آهي؟
جواب:بسمہ سبحانہ منھنجا ٻچڙا تنهنجي لاءِ تقوا حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ تقوا جي لاءِ پھريون قدم پنهنجي نفس جو حساب ڪتاب ڪرڻ آهي بس تون پنهنجي نفس جو حساب ڪر سمھڻ کان پھريائين ھر ان ڪم جو جيڪي تون صبح کان وٺي رات تائين ڪيا صبح جي نماز کان وٺي رات جي سمهڻ تائين اگر تون ڀلا ڪم ڪيا آهن انهن تي الله جو شڪر ڪر ۽ توفيق طلب ڪر ۽ قبوليت جي لاءِ دعا گھر. ۽ اگر ڪو گناھ ڪيو اٿئي جيڪو الله جي حقن سان خاص آهي توڙي جو اهو گناھ ننڍڙو ڇونه ھجي. پوءِ انهن گناھن تي روءُ ۽ الله کان بخشش گر ۽ اگر ڪنهن مؤمن جي حق ۾ڪوتاهي ڪئي اٿئي ڪھڙي به هجي ته پوءِ تون ان وقت تائين ننڊ نه ڪر جيسيتائين بخشش نه گهرين. تو کي خبر ھجڻ گھرجي ته ڪوتاهي انسانن جي حقن ۾يا الله جي حقن ۾ظلم آهي ۽ ظالم تي قرآن ۾لعنت ڪئي وئي آهي ۽ ڊڄ ان کان جو تنهنجي ذمي الله ۽ انسانن جي حقن منجهان ڪا شيء ھجي. والله الهادي
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو