مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ڇا مؤمنن تي حضرت امام حسين عليه السلام جو غم ملهائڻ واجب آھي ؟ ۽ غم ڪيئن ملھائجي ؟ ڇا مواسات (غم ملھائڻ ) انھن عنوانن منجهان آهي جيڪي معين امور سان خاص آھن ؟ يا عنوان عام منجھان آھي جيڪو غمخوار جي نيت تي مشتمل ھوندو آھي ؟
جواب:بسمہ سبحانہ مڙني مسلمانن تي واجب آهي حضرت امام حسين عليه السلام جو غم ڪن امام عليه السلام تي روئڻ ؛ ماتم ڪرڻ ؛امام جي شعائر کي تازي ڪرڻ جي ذريعي سان ۽ انھيءَ سان ئي نبيءَ پاڪ صلي الله عليه وسلم، امام علي عليه السلام ، سائڻ فاطمہ زھرا سلام عليھا ، امام حسن مجتبي عليہ السلام ۽ تمام اھل بيت عليہ السلام،امام زمانہ ص سان مواسات ڪرڻ آهي. مواسات جي معني: ڪربلا جي تحريڪ ۾ امام عليه السلام تي آيل مصيبتن تي ڏک جو اظهار ڪرڻ. الله تعالي ھادي ۽ توفيق ڏيڻ وارو آهي.
سوال:ڇا مستحب آهي پاڻي پيئڻ کان پوءِ مولا حسين عليه السلام کي ياد ڪرڻ (ذڪر ڪرڻ) ۽ امام حسين عليه السلام جي قاتلن تي لعنت ڪرڻ؟
جواب:بسمہ سبحانہ انھن ٻنھي ڪمن لاءِ معصومين (عليهم السلام) کان حڪم آيو آهي. والله العالم
سوال:ان عورت جي لاءِ ڇا حڪم آهي جنهن جو مڙس عاشورا جي ڏينهن ۾ مذاق وارا ڊراما ۽ فلم ڏسي ٿو ۽ گھڻي تنقيد ڪرڻ مڙس کي ڪڏهن حالات کي اھڙي طرف وٺي وڃي ٿي جنهن جو نتيجو پٺ ڀلو ناهي ھوندو؟
جواب:بسمہ سبحانہ زال لاءِ نصيحت کان سواءِ ڪجھ به نه آهي بس جڏهن پاڻ واجب تي عمل ڪري ته پوءِ ھن لاءِ مڙس کي مجبور ڪرڻ ضروري ناهي. والله العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو