مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:اسان جا مخالف اسان تي هي اعتراض ڪن ٿا ته ڇا جابر بن عبدالله انصاري جي چاليهي واري زيارت معتبر ڪتابن ۾ موجود آهي، جڏهن ته جابر نابينو ۽ مديني ۾ هو، کيس امام حسين ع جي شهادت جي خبر ڪيئن پئي، ۽ مديني وارن کي امام حسين ع جي شهادت جي خبر امام سجاد ع جي اچڻ کان پوءِ پئي آهي؟
جواب:بسمہ سبحانہ جابر جو نابينو هجڻ جيتوڻيڪ مشهور آهي پر ڪجھ روايتون انجي نفي ڪن ٿيون، ۽ مديني مان اسلامي واقعات جا ڄاڻو، امام حسين عليه السلام جي ڪٽنب جي مديني ۾واپس اچڻ کان پهريان ئي سندس شهادت بابت آگاه ٿي چڪا هئا، باقي جابر بن عبدالله انصاري جو ڪربلا اچڻ ڪجھ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ۽ اسان باربار اهو چيو آهي ته واقعي ڪربلاء سان جڙيل جزئي ڳالهين بابت روايتن ۾ سخت اختلاف پاتو وڃي ٿو، انجي باوجود به واقعي ڪربلاء کي مؤمنن جي دلين تي تازي ڪرڻ لاءِ اهڙين روايتن کي بيان ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. والله العالم
سوال:هڪ شخص اهو شبهو وڌو آهي ته جڏهن حسين (عليه السلام) جي زيارت جي ايتري اهميت آهي ته پوءِ ڇا روايتن ۾ اهو بيان ٿيو آهي ته ڪنهن هڪ معصوم امام حسين (عليه السلام) جي زيارت ڪئي هجي، جيئن انهن جو حج تي وڃڻ نقل ٿيل آهي؟
جواب:بسمہ سبحانہ پٽ لڳي ٿو ته اوهان امامن جي تاريخ ۽ انهن زيارتن کان پري آهيو جيڪي امامن ع کان مروي ٿيل ۽ ڪتابن ۾ لکيون ويون آهن. امامن ئي اسان کي زيارت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ۽ پاڻ حڪمرانن جي اکين کان اوجهل ٿي ڪري زيارت ڪندا هئا ،بلڪ مشهور آهي ته امام جعفر صادق (عليه السلام) ڪربلا ۾ باغ خريد ڪيو هئو، ۽ پاڻ ع اتي ايندا هئا ته جيئن اتان کان پنهنجي ڏاڏي امام حسين (عليه السلام) جي زيارت ڪن، ۽ سندس باغ خريد ڪرڻ امام ع جي زيارت ڪرڻ لاءِ هڪ ڍڪ هيو. والله الهادي وهو العالم
سوال:لعنت ۾ پھرين ٻئي۽ ٽئين مان مراد ڪير آھن
جواب:بسمہ سبحانہ اھو معلوم ھجڻ گھرجي ته ھن زيارت جي تعليم ڏيڻ واري ذات - معصوم ع يا الله عزوجل انھي ڪري جو بعض اھو احتمال ڏنو آهي ته ھي احاديث قدسيه منجھان آهي - پھرين ٻئين ۽ ٽئين مان جيڪي مراد آھن انھن کي مخفي رکڻ چاھيو آهي ۽ انھن بابت اندازه گيري کان پرھيز ڪرڻ گھرجي ۽ اھو بليغ انسانن جو طريقو ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته اھي حالات مطابق ڳالھ ڪندا آھن ۽ الله تعالي به قرآن مجيد ۾ ڪافي ڳالهيون عام بشريت کان مخفي رکيون آھن ۽ انھن جي معرفت کي پاڻ سان ۽ انھن سان مخصوص ڪيو آهي جيڪي علم ۾ راسخ آھن ۽ غير اماميه جي نزديڪ متشابھات جي تعويل کي پاڻ سان مخصوص ڪيو آهي ۽ جيتوڻيڪ حڪمت ۽ بلاغت جو تقاضو اھو آھي ته پوءِ اندازه گيري بي سود آھي بلڪه ڪڏهن ته ان مان تعليم ڏيڻ واري ذات ڏانهن اھڙي شيء جي نسبت به لازم اچي تي جيڪا ان چئي ناھي. ائين ئي زيارت پڙھڻ گھرجي اگرچہ بعض ان زيارت ۾ موجود قرائن ۽ ان دعا مان جيڪا ان سان ملحق آھي (دعا علقمہ) ۽ قرآن و احاديث ۾ تدبر ڪرڻ سان انھن افرادن کي معلوم ڪري سگهن ٿا جيڪي پھرين ٻئين ۽ ٽئين مان مراد آھن ليڪن ان بابت يقين ڪرڻ ممڪن ناھي.واللہ الھادي وھو العالم
سوال:زيارت عاشورا ۾ ڪھڙو جملو پڙھڻ وڌيڪ صحيح آهي اللهم ألعن العصابة التي جاهدت الحسين ع يا اللهم ألعن العصابة التي حاربت الحسين ع ؟
جواب:بسمہ سبحانہ ضروري آهي ته ان نص جي پابندي ڪئي وڃي جيڪا ڪتاب مفاتيح الجنان ۾ وارد ٿي آھي و الله الھادي وھو العالم
سوال:ڇا جائز آهي ته اسين اڌ زيارت عاشوراء پڙھون حصا حصا ڪري ان مان مطلب اهو آهي ته ھڪ ڪلمو پڙھون ۽ ٿورو بيھي رھون پوءِ ٻيو ڪلمو پڙھون اھڙي طرح پڙھندا رھون؟
جواب:بسمہ سبحانہ اگر بيھڻ ساھ کڻڻ جي مقدار جيترو ھجي يا پاڻ کي ٿڪاوٽ کان سڪون ڏيارڻ لاءِ ته ان ۾ڪو حرج نه آهي پر اگر بيھڻ زيارت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ ھجي يا زيارت جي ڪجھ حصن کي ڪجھ حصن کان جدا ڪرڻ لاءِ ھجي ته پوءِ صحيح نه آهي جڏهن ته زيارت کي گڏ پڙھڻ ممڪن به ھجي. والله العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو