مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:اسان وٽ موڪب امام حسين عليه السلام آهي (امام بارگاھ) اسين زوارن جي خدمت ڪندا آھيون کاڌو، نياز پيش ڪري پر زيارت کان پوءِ ڪجھ کاڌي جو سامان بچي پوندو آهي ڇا ان سامان کي ٻئي موڪب وارن کي ڏيڻ جائز آهي يا حشد شعبي وارن کي (اھي جنگجو جيڪي مقدسات جي حفاظت ڪن ٿا) ڏيڻ جائز آهي يا ان کي وڪڻڻ جائز آهي ته جيئن پئسا جمع ڪري ٻيءَ مناسبت تي خرچ ڪري سگهجن؟
جواب:بسمہ سبحانہ اگر ٻئي موڪب واري کي ڏيڻ ممڪن ھجي ته پھريان اھو ڪم ڪري ۽ اگر ٻئي موڪب وارن کي ڏيڻ ممڪن نه آهي ته ان سامان جي حفاظت ڪري ٻيءَ مناسبت جي لاءِ. والله العالم
سوال:فوٽ پاٿ تي موڪب ( خيمي) ھڻڻ ،يا رستن کي نقصان پھچائڻ، يا موڪب ھڻڻ لاءِ انهن کي بند ڪرڻ جو ڇا حڪم آھي؟؟؟ جواب :بسمہ سبحانہ اي منھنجا فرزند توکي خبر ھجڻ گھرجي ته ضرورت جا ڪجھ خاص حڪم هوندا آھن ڇا رستن کي تعمير ڪرڻ لاءِ ۽ ڪنھن وڏي عھديدار جي قافلي کي گذارڻ لاءِ بند نه ڪيو ويندو آھي ؟ اي منھنجا فرزند بس ديني مناسبتون به ھميشه ناھن ھونديون بلڪ اينديون آھن ۽ ٿورڙي وقت ۾ ختم ٿي وينديون آھن . والله العالم. سوال . دھل ، توتلي ۽ انھن ٻنھي سان ملندڙ جلندڙ اھڙي قسم جي ٻين اوزارن جو امام حسين عليه السلام جي عزادارئ جي جلوسن ۾ استعمال ڪرڻ جو ڇا حڪم آھي ؟؟
جواب:بسمہ سبحانہ انھن جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪوئي حرج نه آھي بشرطيڪ جڏھن انھن جا آواز حرام غناء سان شباھت نه رکندا ھجن والله العالم.
سوال:اسان امام حسين عليه السلام جي زيارت جي فضيلت متعلق ۽ جيڪو زيارت جو عظيم ثواب آھي ان جي متعلق ڏٺو ،ٻڌو، ۽ پڙھيو آھي ليڪن اسان سوال ڪريون ٿا ته امام حسين عليه السلام جي عزادارئ ۾ پيسا خرچ ڪرڻ ۽ پيسن مان خريد ٿيل ٻيون شيون جن سان امام حسين عليه السلام جي زوارن جي موڪبن ،امام بارگاھن ، انجمنن وغيره ۾ خدمت ٿئي ٿي ان جي متعلق توھان جي ڇا راءِ آھي؟
جواب:بسمہ سبحانہ ٻئي ڪم ( زيارت ،زوارن ۽ عزادارئ ۾ خرچ ڪرڻ) وڏي عظيم ثواب وارا ۽ (شريعت۾) پسنديده ڪم آھن بس جيڪڏھن مڪلف لاءِ ٻنھي کي انجام ڏيڻ ممڪن ھجي يعني امام حسين عليه السلام جي زيارت به ڪري ۽ زوارن جي خدمت ۽ عزادارئ کي به برپا ڪري ۽ جيڪو ڪجھ ان تي خرچ ڪري ۽ گريو ڪري ته ( اھو عمل) نيڪئ جي مٿان نيڪي آهي والله الهادي.
سوال:جيڪڏهن گھر جو مالڪ امام حسين عليه السلام جي مجلس ڪرڻ کان منع ڪري ايسيتائين جو پنھنجي مرڻ کان پوءِ به مجلس ڪرڻ کان راضي نه ھجي ته ڇا ان گھر ۾مجلس ڪري سگھجي ٿي ؟
جواب:بسمہ سبحانہ توهان کي معلوم ھجڻ گھرجي ته گھر پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس وارثن ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي ۽ ھو مرڻ کان پوءِ ان ۾ تصرف نٿو ڪري سگهي وصيت کان علاوه ۽ باطل شيءَ بابت وصيت ڪرڻ جي صورت ۾وصيت نافذ نه ٿيندي ، ۽ مجلس ڪرڻ کان منع ڪرڻ جيڪڏهن ڪنهن شرعي سبب جي ڪري نه ھجي ته جرم آھي جنھن جي باري ۾ وصيت نافذ نه ٿيندي. واللہ الهادي وھو العالم
سوال:جڏھن ڪوئي شخص امام حسين عليه السلام جي مجلس ڪرائي ڏيکاء رياڪاري جي لاء ته ڇا سڀ مجلسون امام حسين جون باطل ٿي ويندويو جنھن کي ھو منعقد ٿو ڪرائي؟
جواب:بسمہ سبحانہ اھي مجلسون صحيح آھن ۽ اسان بار بار اھو چئي چڪا آھيون ته شعائر حسيني کي قائم ڪرڻ (جيئن مجلس ڪرائڻ موڪب ھڻڻ نياز ڪرڻ زوارن جي خدمت ڪرڻ وغيره ) انھن ۾ ٻہ مقصد ھوندا آھن 1:الله تعالي جو قرب حاصل ڪرڻ فخر ۽ ڏيکاءَ ڪرڻ وارو شخص ھن ھدف کي حاصل ڪرڻ کان محروم آھي ۽ ھيءُ مقصد تڏھن حاصل نه ٿيندو جڏھن تباھي مان مراد ريا يا اھڙو فعل جيڪو ريا تي مشتمل ھجي اھو ھجي 2: معاشري ۾ ھنن شعائر کي باقي رکڻ ۽ دشمنان اھلبيت کي چيلنج ڪرڻ آهي اھو مقصد ھر صورت ۾ حاصل ٿيندو لھذا جيڪو فخر ڪندو ان اڪيلي کي ئي خسارو ٿيندو ليڪن اھو عمل جائز آھي واللہ العالم
سوال:مجالس عزاء ۾ جڏھن امام حسين عليه السلام سان پيش آيل واقعا پوءِ اھي ڪربلاء ۾ مديني منوره ۾ يا مڪي مڪرمہ ۾ يا انھن کان علاوه ٻيا (حوادث مثلاً سفر جي دوران جا واقعا وغيره) ھجن تہ اسان امام عليه السلام جي موقف ۽ زبان حال کي بيان ڪندا آھيون جيڪا گفتگو امام عليه السلام جي اھل بيت جي افراد سان يا اصحاب سان ٿي ھئي جھڙي نموني جناب فاطمه بنت الحسين جي گفتگو پنهجي والد ( امام حسين عليه السلام) سان يا جناب رقيہ جي گفتگو امام عليہ السلام سان يا سيدہ زينب جي گفتگو ابو الفضل العباس عليہ السلام سان جڏهن ته ڪجھ گفتگوءَ ۽ حالات جي يقين ڏيارڻ يا وضاحت جي لاءِ اھي مواقف امام حسين عليه السلام جي متعلق شعرن چوڻ وارن جي ڪلمات ،خطيبن جي ڪلمات ،بعض سيرت جي ڪتابن ،۽ مقتل تي لکيل متأخرين جي ڪتابن ۾ موجود آھن ليڪن متقدمين جي ڪتابن ۾ موجود نه آھن پر اھي مواقف مشهور ۽ مانوس آھن ۽ انھن کي بيان ڪرڻ ٻڌڻ وارن جي لاءِ ڪجھ ۽ حالات جيڪي امام عليه السلام سان پيش آيا ھئا انھن جي وضاحت جو سبب بڻبا آھن ۽ ٻڌڻ وارن جي جذبات کي اڀارڻ ۽ روئائڻ لاءِ مفيد ھوندا آھن اهو معلوم آھي ته اصل مواقف مروي ۽ موجود آھن اسان جي مصادر ۾ ليڪن انھن جي تفصيل موجود نه آھي يا موجود آھي ته مختلف انداز ۾۔ ته ڇا اھي زبان حال جي عنوان تحت داخل آھن جيڪو شاعرن ۽ نوحي خوانن لاءِ درست آھي ؟؟
جواب:بسمہ سبحانہ. واقعي کي بيان ڪرڻ لاءِ اھو زبان حال سمجھيو ويندو ۽ آئمہ جي محفل ( ۽ انھن جي حضور) ۾ اھڙي قسم جا واقعا موجود آھن شعرن وغيره ۾ جيئن دعبل امام رضا عليه السلام جي محضر ۾ ھي شعر چيو أفاطم لو خلت الحسين مجدلاً و قد مات عطشاناً بشط فرات إذن للطمت الخد فاطم عنده و أجريت دمع العين في الوجنات أفاطم قومي يبنت الخير و اندبي نجوم سماوات بأرض فلاة امام عليه السلام اھي شعر ٻڌا گريو فرمايو ۽ شاعر کان شعر ٻيھر چورايا ۽ انھن جو انڪار نه ڪيو والله الهادي وهو العالم.
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو