مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:جنابت جي باري ۾شڪ جو ڇا حڪم آهي انھيءَ معني ۾ته آءٌ ڪڏهن شڪ ڪريان ٿو ته مون کي غسل پيو آهي ۽ صبح جو وسوسو ٿئي ٿو ته غسل پيو آهي يا نه ۽ اھا حالت مون سان گهڻي پيش اچي ٿي؟
جواب:بسمہ سبحانہ جنابت منيءَ جي نڪرڻ سان ثابت ٿئي ٿي، اگر هو شخص مني نه ٿو ڏسي ته پوءِ پنهنجي وھمن جي پرواھ نه ڪري. والله الهادي وهوالعالم
سوال:ڇا ھيٺين طريقي سان غسل ڪرڻ صحيح آھي: مٿي، ڳچئ ۽ بدن جي وچ سميت ساڄو پاسو ڌوئڻ، پوء بدن جي وچ سميت کاٻو پاسو ڌوئڻ؟ اھا ڳالھ واضح رھي ته ھڪ شخص غسل جي باري ۾ جستجو ڪئي، ۽ ان ھن طريقي کي صحيح قرار ڏنو؟
جواب:بسمہ سبحانہ جنھن طريقي کي توھان ذڪر ڪيو آھي اھو صحيح آھي. پر احتياط واجب جي بنياد تي ڳچيئ کي مٿي سان گڏ ڌوتو وڃي، ۽ ڳچيئ کي ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي سان گڏ به ڌوتو وڃي. واللہ العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو