مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ڇا نماز جي قرائت جي دوران ساڪن نون يا تنوين جي نون کي ميم ۾ تبديل ڪرڻ واجب آهي؟ يا مستحب آهي؟ جڏهن انهن کان پوءِ حرفِ ”با“ اچي
جواب:بسمہ تعالى اگر نون جي ادغام کان بغير به ٻئي حرف (نون ساڪن، ۽ ميم) جدا جدا لکيا وڃن ته پوءِ ادغام فقط قرائت جي خوبين منجهان هوندو آهي، ۽ شايد اهو ئي عربي لهجو آهي، جيئن هڪ حديث ۾ به آهي جيڪا هڪ قبيلي واري سواليءَ شخص جي قصي کي نقل ڪري ٿي، جنهن ۾ هن نبيءَ ڪريم (ص) کان سفر جي حالت ۾ روزي بابت سوال ڪيو، ته پاڻ سڳورن (ص) جن ارشاد فرمايو _جيئن مصدر ۾ آهي_ (ليس من امبر امصيام). (يعني سفر ۾ روزو رکڻ نيڪي نه آهي)
سوال:نماز جي قرائت ۾ ”اعوذ بالله من الشيطان الرجيم“ پڙهڻ ڇو واجب نه آهي ۽ مستحب آهي، جڏهن ته الله تعالى فرمائي ٿو: ” پوءِ جڏهن تون قرآن پڙهين ته الله جي پناه وٺ شيطان مردود جي شر کان.
جواب:بسمہ سبحانہ اي پٽ اسان احتياط لازم سان پهرينءَ رڪعت ۾ قرائت کان پهريائين ”اعوذ بالله“ پڙهڻ جي فتوا ڏني آهي. ۽ اسان ان باري ۾ دليلن مان ايترو ئي سمجهيو آهي. والله العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو