مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:نماز ۾ سجدو ڪڏھن شروع ٿيندو ؟ جڏھن پيشاني خاڪ شفا سان صحيح طريقي سان وڃي لڳي يا جڏھن مٿو ھيٺ ٿي وڃي جڏھن پيشاني خاڪ شفا سان وڃي لڳي؟
جواب:بسمہ سبحانہ جڏھن پيشاني خاڪ شفا سان وڃي لڳي ته سجدو شروع ٿي ويندو ڇو جو سجدو چئبو آھي پيشانيءَ جي رکڻ کي اھڙيءَ شي تي جنھن تي سجدو صحيح آھي.واللہ العالم
سوال:جڏھن ڪربلا جي خاڪ شفا بلڪل سڌي (لسي) نه ھجي جيئن ان ۾ ننڍڙيون پٿريون يا پٿرين وانگر ٻي ڪا شيءِ ھجي ۽ سجدي جي وقت جنھن حصي تي سجدو ٿئي پيشاني جي جاء تي اھا پٿري واري جاء اچي ته ڇا نماز صحيح آھي ؟
جواب:بسمہ سبحانہ ضروري آھي ته سجدي گاه سڌي ۽ عادي ماڻهون جي آڱوٺي جي مٿين پور جي برابر ھجي خاڪ شفا سڌي ھجي انسان طبيعي ( انسان طبيعي مان مراد اھڙو انسان جنھن جا ھٿ وچٿرا ھجن يعني بلڪل وڏا يا بلڪل ننڍڙا نه ھجن) جي وڏي آڱر جي پور جي برابر واللہ العالم
سوال:ڇا واجب آھي خاڪ شفا جي لاء ( ان جي چئني طرفن کان) ڪا ماپ ھجي تاڪ نماز جي وقت مسجد ۾ ان تي سجدو ڪري سگھجي؟ ۽ اگر ان خاص ماپ ۾ شڪ ٿئي تہ خاڪ شفا جي اھا ماپ آھي يا نه؟ ته ڇا حڪم آھي ؟
جواب:بسمہ سبحانہ متعارف انسان جي انڱوٺي جي مٿين پور جيتري ويڪري جڳھ سجدي ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي ۽ا يتريءَ ويڪر جو معلوم هجڻ ضروري واللہ العالم
سوال:جڏھن واجب نماز ۾ سجدو انجام ڏيون ، جڏھن ته پيشاني آلي ھجي ته ڇا نماز صحيح آھي؟
جواب:بسمہ سبحانہ نماز صحيح آھي جڏھن سجدي جي جاء (پيشاني آلي جي ھجڻ جي ڪري ڳوھيل آليءَ مٽيءَ ۾ تبديل ٿي نه وڃي) واللہ العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو