مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:جڏھن عالمن مان ڪوئي شخص بعنوان پيش امام غير فريضي جي نيت سان نماز پڙھائي ليڪن مامومين فريضي جي نيت سان پڙھن ، ۽ ان کان پوءِ اھو عالم ٻيءَ مسجد ڏانهن وڃي ۽ اتي پيش امام ٿي فريضي جي نيت سان نماز پڙھائي ته نماز جماعت جو ڇا حڪم آھي ھيٺين صورتن ۾ (1)نيت ڪري واجب نماز جي جيئن قضاء نماز يا اھا نماز جيڪا نذر جي ڪري واجب ٿي ھجي يا انھن ٻنھي کان علاوه ڪنهن ٻيءَ )واجب(نمازجي) (2) نيت ڪري غير واجب نماز جي جيئن مستحب نماز يا رجاء مطلوبيت سان انجام ڏنل نماز يا انھن ٻنھي کان علاوه ) ٻيءَ ڪنهن غير واجب نماز(جي
جواب:اگر اھا نماز پڙھي جيڪا نذر جي ڪري واجب ٿي آھي ته پوءِ ان ۾ جماعت صحيح نه آھي نه پيش امام جي طور تي نه ئي ماموم جي طورتي ھا انسان لاءِ جائز آھي ته ھڪ نماز قضاء يوميه نمازن مان ماڻھن سان پڙھي ) جماعت سان( ۽ پوءِ ٻيءَ جماعت سان يوميه نمازن مان ڪائي ھڪ نماز پڙھي ٻيو دفعو ، ۽ اھو به جائز آھي ته پيش امام واجب نمازن مان ھڪ نمازامام جماعت جي نيت ڪرڻ کان بغير پڙھي ۽ پوءِ اھا نماز پڙھي جنھن جو وقت آھي ) فعلا( ۽ ان کي جماعت جي نيت سان پڙھائي ۽ مؤمنين جي لاءِ جائز آھي ان جي پويان نماز پڙھڻ انھن نمازن ۾ جن جو وقت آھي ٻنهي صورتن ۾ ) چاھي .جماعت جي نيت ڪري يا نہ ڪري( والله العالم)
سوال:امام راتب جي معين ڪرڻ جو ڪھڙو معيار آھي؟؟ مثلاً( ھڪڙي عالم کي مسجد جي ڪمن جي ذميواري ڏني وئي آھي ليڪن ھيءُ انهيءَ مسجد کان علاوه هڪ ٻيءَ مسجد ۾ رهندو آهي ۽ ان ۾ ئي جماعت پڙھائيندو آھي پر اھو فقط ڪجھ عرصي لاءِ هن مسجد ۾ فجر جي نماز پڙھائيندو ھيو ۽ پوءِ اھا به ڇڏي ڏنائين ۽ پوءِ ٻئي عالم کي سڀني نمازن پڙھائڻ جي ذميواري ڏني وئي. پوءِ ھاڻي پيش امام راتب ڪير آھي؟؟ اھو امام راتب آھي جنھن کي پھريائين ئي مسجد جي ڪمن جي ذميداري ڏني وئي هئي ؟ يا اھو عالم امام راتب آھي جيڪو سڀني نمازن کي پابنديءَ سان پڙهائيندو آھي؟
جواب:بسمہ سبحانہ اگر مسجد جو شرعي متولي ) سنڀاليندڙ( آھي ته اھوئي امام راتب کي معين ڪندو ليڪن اگر ڪوئي شرعي متولي نه آھي ته پوءِ جيڪو عادتا پابنديءَ سان جماعت پڙھائيندوآهي اھو ئي امام راتب آھي والله العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو