مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:جڏھن ڪنھن خاتون سان ڪوئي صحت جي لحاظ سان مسئلو پيش نہ اچي رمضان المبارڪ جي روزي رکڻ وقت ۽ تمام روزا آسانيءَ سان رکي وڃي ليڪن رمضان المبارڪ کان علاوہ جڏھن به روزا رکي ٿي قضا جيڪي حيض جي ڪري رھجي ويا اٿس ته ان جي حالت خراب ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي قدرت ۾ نٿو رھي ته اھي ڏينھن قضاء روزا رکي سگھي تہ اھڙيءَ خاتون جو ڇا حڪم آھي؟
جواب:بسمه سبحانه شريعت جي حڪمن کي انجام ڏيڻ واجب آھي ۽ روزو صحيح نہ آھي بلڪ مشروع نه آھي حيض وارن ڏينھن ۾ جڏھن رمضان المبارڪ جي روزن کان فارغ ٿئي ته ان تي واجب آھي تہ قضا روزا رکي اگرچہ پنھنجي نفس کي مجبور ڪرڻو پويس ۽ ياد رکي الله تعالئ جي محضر ۾ قيامت جي بيھڻ کي تاڪ ان جي لاء روزي جي تڪليف آسان ٿي پوي واللہ العالم
سوال:منھنجو ڌندو استاد ھجڻ آھي ۽ مان پنھنجي گھر واريءَ ۽ ٻارن کان 60 ڪلو ميٽر پري رھندو آھيان تاڪ پنھنجي ڊيوٽيءَ کي (جيڪا واجب آھي) انجام ڏيان مان پنھنجي گھر وارن وٽ ھر ھفتي ويندو آھيان ۽ ٻئي ڏينھن واپس موٽي ايندو آھيان تہ ڇا منھنجا روزا صحيح آھن؟ جڏھن ته آء ھر ھفتي ھڪ ڏينھن گھر وارن وٽ ۽ باقي ڏينھن پنھنجي ڊيوٽي انجام ڏيندو آھيان ۽ ڪيئن پنھنجيءَ ڊيوٽيءَ ۽ گھر واريءَ جي سنڀال ڪريان جڏھن ته روزي تي ڪو اثر نه پوي؟
جواب:بسمہ سبحانہ توھان تي روزو رکڻ ۽ نمازپوري پڙھڻ واجب آھي ان جاء تي جتي ڊيوٽي انجام ڏيو ٿا ۽ اھڙيءَ طرح جڏھن توھان پنھنجي گھر واريءَ وٽ ھجو ۽ جڏھن توھان رستي ۾ ھجو ۽ زوال ٿي وڃي ته ان ڏينھن جو روزو رمضان المبارڪ کان بعد قضا ڪر اھڙي نموني سان نماز بہ قصر ٿيندي توھان جي جڏھن رستي ۾ نماز جو وقت ٿي وڃي واللہ العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو