مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:اگر ڪنهن مڪلف کي فلڪيات جي گهري حساب تي ڀروسو ڪندي بلڪل پڪ ۽ يقين ٿئي ته فلڪياتي اعتبار کان هاڻي چنڊ جي پيدائش ٿي وئي آهي، ۽ چنڊ ان درجي تائين پهچي چڪو آهي جو اگر موسم خراب نه هجي ها ته انکي عام اک سان ڏسڻ ممڪن هيو، ۽ فضا ۾ لُڙ ۽ مٽي نه هجي ها ته انکي عام اک سان ڏسڻ ناممڪن نه هيو. ته ڇا اهڙي مڪلف لاءِ قمري مهيني جي شروعات کي ثابت ڪرڻ لاءِ شرعي طور تي اهڙي گهري فلڪياتي حساب تي ڀروسو ڪرڻ جائز آهي، اهڙيء ريت جو نه رڳو فلڪياتي بلڪ شرعي اعتبار کان به چنڊ جي پيدائش ثابت ٿي وڃي، جيتوڻيڪ _مٿي ذڪر ڪيل فرض مطابق_ چنڊ کي نه ڏسي سگهجي ايستائين جو اگر اهو حساب ان فقيه جي مبنى جي مخالفت ڪري ها جنهن جي هو تقليد ڪندو آهي ۽ جيڪو چنڊ کي ڏسڻ لاءِ عام اک جو شرط قرار ڏيندو هجي، ته مڪلف چنڊ جي پيدائش بابت ان پڪ ۽ يقين جي مرحلي تائين نه پهچي ها ۽ انکي عام اک سان ڏسڻ ممڪن هيو اگر لُڙ ۽ فضا خراب نه هجي ها؟ ۽ اگر جواب جائز نه آهي ته پوءِ ان روزيدار لاءِ ڪهڙو شرعي حڪم آهي جيڪو ان تي ڀروسو ڪري پنهنجو روزو کولي؟
جواب:بسمہ سبحانہ چنڊ ثابت نه ٿيندو مگر قمري مهيني جا ٽيھ ڏينهن گذرڻ جي، يا عام اک سان ڏسڻ جي، يا حاڪم شرعي جي حڪم جي، يا ٻن عادل گواهن جي گواهيءَ جي، يا چنڊ ڏسڻ جي ايتري شهرت ٿي وڃي جو اطمئنان جو سبب بڻجي، باقي اهو اطمئنان جيڪو فلڪياتي حساب مان حاصل ٿئي اهو چنڊ يا انجي نتيجن کي ثابت ڪرڻ لاء ڪافي نه آهي، والله العالم
سوال:ڇا چنڊ فلڪيات جي حساب ڪتاب جي بنياد تي ثابت ٿي سگھي ٿو؟
جواب:بسمہ سبحانہ ان اڪيلي کي شرعي دليل نه سمجهيو ويندو ، پر جيڪڏهن اهو حتمي علم جو فائدو ڏي ٿو ته علم تي عمل ڪرڻ واجب آهي. واللہ العالم
سوال:ڇا چنڊ جي تصديق ڪنھن شيءِ کي وڏو ڪري ڏيکارڻ واري اوزارن سان ٿئي ٿي يا رڳو خالي اک سان؟
جواب:بسمہ سبحانہ چنڊ جي جڳھ کي معين ڪرڻ لاءِ اوزارن جو استعمال جائز آھي ۽ پوءِ ان کي خالي اک سان ڏٺو وڃي پوءِ ان صورت ۾ شرعي احڪام ثابت ٿيندا. واللہ العالم
سوال:مھينن جي شروع ۾ چنڊ کي ڳولھڻ واجب آھي يا مستحب آھي؟
جواب:بسمہ سبحانہ مستحب آھي واجب نه آھي، پر جي رمضان مھيني جي پھرين تاريخ، يا شوال مھيني جي پھرين تاريخ، يا اھڙي طرح حاجي لاء ذوالحج مھيني جي پھرين تاريخ جي سڄاڻپ ڪنھن ھڪ شخص جي چنڊ ڏسڻ تي موقوف ھجي ته پوء جيڪو ائين ڪري سگھي ان تي چنڊ ڳولھڻ واجب آھي. واللہ العالم
سوال:مھينن جي شروع ۾ چنڊ کي ڳولھڻ واجب آھي يا مستحب آھي؟
جواب:بسمہ سبحانہ مستحب آھي واجب نه آھي، پر جي رمضان مھيني جي پھرين تاريخ، يا شوال مھيني جي پھرين تاريخ، يا اھڙيءَ طرح حاجيءَ لاء جنهن تي حج واجب هجي ذوالحج مھيني جي پھرين تاريخ جي سڃاڻپ ڪنھن ھڪ شخص جي چنڊ ڏسڻ تي موقوف ھجي ته پوءِ جيڪو ائين ڪري سگھي ان تي چنڊ ڳولھڻ واجب آھي. واللہ العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو