مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ڇا پيء لاء پنھجي عاق پٽ کي ميراث کان محروم رکڻ جائز آھي ؟ مثال طور پيء پنھجي ملڪيت جو ڪجھ حصو يا سڄي ملڪيت پنھنجن ٻين پٽن کي ڏئي ڇڏي يا وصيت ڪري تہ ان جي عاق پٽ کي ان جي ملڪيت جي ٽئين حصي مان ڪجھ به نه ڏنو وڃي؟
جواب:بسمہ سبحانہ والدين طرفان عاق ڪيل اھو آخرت جي عذاب جو حقدار آھي پر نبيءَ صلي الله عليه و آله وسلم جي ڪجھ روايتن منجھان ظاھر آھي ته پاڻ سڳورا راضي نه ھئا ته ڪوئي پيء پنھجي ڪجھ اولاد کي ملڪيت کان محروم رکي اگر پيء پنھجي ڪجھ اولاد کي ميراث کان محروم رکڻ جي وصيت ڪري ته سندس ملڪيت جو ٽيون حصو عاق پٽ کان علاوه ٻيءَ اولاد لاء آھي ۽ باقي ٻه ٽهايون سڀني وارثن ۾ شريعت موجب ورھاست ٿينديون اگر پيءُ پنھجي سموري ملڪيت پنھجي عاق پٽ کان علاوه پنهنجي ٻيءَ اولاد کي ملڪيت ڪري ڏئي ۽ جنهن کي بخشش ڪري ڏئي اهو سندس حياتيءَ ۾اهو سمورو مال ان کان وٺي ڇڏي ته پوء عاق پٽ ڪنھن به شيء جو حقدار ناھي.والله العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو