اسڪاٽ لينڊ ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل جي مرجع عاليقدر (دام ظلہ الوارف) جن سان ملاقات 2/1/2023 ![]() |
اسڪاٽ لينڊ جي شھر گلاسگو ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل سيد زاھد رضا جن جي مرجع جھانِ تشيع آية اللّٰه العظمىٰ حافظ بشير حسين نحفي (حفظه اللّہ تعالى) جن سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي، ان ملاقات ۾ مرجع عاليقدر (دام ظلہ الوارف) جن فرمايو ته پاڪستان ۽ پاڪستانين جي خدمت اوھان جو فريضو آهي، سائين جن انھيءَ ڳالھ تي زور ڏنو تہ ٻنھي ملڪن جي درميان برابري جي سطح تي تجارتي، اقتصادي ۽ دفاعي تعلقات کي فروغ ڏنو وڃي تاڪ ٻنھي ملڪن کي فائدا حاصل ٿين، ٻئي طرف کان پاڪستاني قونصل جنرل اسڪاٽ لينڊ ۾ انھيءَ حوالي سان ڪيل ڪمن جي متعلق مرجع عاليقدر (دام ظلہ الوارف) جن کي آگاھي ڏني ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پاڪستاني ڪونصليٽ جي طرفان پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي لاء ڪيل ڪوششن کي بيان ڪيو جنھن کي سائين جن ساراھيندي وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي جي لاء دعا پڻ ڪئي. آخر ۾ قونصل جنرل سيد زاھد رضا جن سائين جن جو قيمتي وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو. |