مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) دردناڪ واقعي کان بعد اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ۽ ان سان گڏ ساٿھين جي رحلت تي جاري ٿيل بيان جو ترجمو

مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) دردناڪ واقعي کان بعد اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ۽ ان سان گڏ ساٿھين جي رحلت تي جاري ٿيل بيان جو ترجمو

20/5/2024




بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ

(الَّذِينَ إِذَا أَصَابَتْهُم مُّصِيبَةٌ قَالُواْ إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ‌)

 اسلامي جمهوريه ايران ۾ اسان جا معززين، قيادت ۽ عوام...

 اسان گذريل رات کان ايراني صدر جناب رئيسي ۽ ان جي ساٿين جي جهاز حادثي جي افسوسناڪ واقعي جي متابعت ڪئي جنهن سبب کيس ۽ سندس معزز ساٿي هن ڏکوئيندڙ واقعي ۾ بارگاه خداوندي ۾ ڏانھن لاڏاڻو ڪري ويا.

 ان صورتحال ۾ اسين ولي الله الاعظم صاحب العصر والزمان (عجل الله فرجه الشريف) اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت، ايراني عوام، خاص ڪري انهن جي سوگوار خاندانن، عزت مآب حجة الاسلام و المسلمين سيد ابراهيم رئيسي، (جن کي خداوند متعال اھا توفيق عطا ڪئي جو هن پنهنجي زندگي علم جي حصول، امام رضا (ع) جي خدمت ۽ پنھنجي

دانشمندي واري قيادت سان ايراني عوام جي خدمت ۾ گذاري ) ۽ جيڪي ساٿي سندن گڏ هئا ان جي وفات تي تعزيت  ۽ تسليت پيش ڪريون ٿا.

اسان خداوند متعال کان دعا گهرون ٿا تہ جيڪو ڪجھ انھن پيش ڪيو ۽ جيڪو ڪجھ انھن متان گذريو اھو انهن لاءِ شفاعت جو سبب بڻجي ۽ جنھن ڏينھن ھو پنھنجي پالڻھار جي آڏو ان حالت ۾ پيش ٿيندو جو پالڻھار ان کان راضي ھوندو

 اسان الله تبارڪ و تعالیٰ کان دعا گهرون ٿا تہ پالڻھار ايراني عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي تہ جيئن اهي الله تعاليٰ جي ڏنل آزمائش ۽ امتحان جي ڪري اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿين. ۽ سندس رهبريءَ ۾ سفر جاري رکن. ان شاءالله

وإنَّا لِلّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعونَ ولا حول ولا قوة إلا بالله العلي العظيم