مرڪزي دفتر جي طرفان حج بيت الله تي ويندڙ وفد مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي خدمت ۾ 5/6/2024 |
مرڪزي دفتر جو هڪ وفد مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ مومنن جي خدمت جي لاءِ
موجود هوندو لهذا محترم مومنن اسان سان رسمي ذريعي رابطو ڪري سگهن ٿا مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين
نجفي (دام ظلہ الوارف) مرڪزي دفتر جي طرفان هن سال به حج بيت الله تي وڃڻ واري وفد
۾ شامل افاضل، علماء ڪرام جو خير مقدم ڪيو ۽ انهن سان خطاب ۾ ضروري هدايتون، ۽
نصيحتون بيان ڪيون ته هو پاڪ سرزمين تي زائرن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن
مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف محترم حاجين جي وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي،عملن جي قبوليت ۽ حفاظت جي لاءِ بارگاه خداوندي ۾ دعا فرمائي |