مرڪزي دفتر شعبہ تبليغ نجف اشرف جي طرفان پاڪستان ۾ مجالس عزاء جو اھتمام

مرڪزي دفتر شعبہ تبليغ نجف اشرف جي طرفان پاڪستان ۾ مجالس عزاء جو اھتمام

7/8/2023




مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) نجف اشرف جي شعبہ تبليغ اسلام آباد ۾ انوار نجفيہ فائونڊيشن جي دفتر جي زير انتظام پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ شھرن ۽ خاص ڪري ڳوٺن ۾ مقامي مومنين جي تعاون سان ھن سال به  محرم الحرام جي مھيني  1445ھ ۾ مجالس حضرت امام حسين عليه السلام جو انعقاد ڪيو ويو .

واضح رهي ته ان مجلسن جو اھتمام پنجاب،خيبرپختونخوا،بلوچستان،سنڌ ۽ ڪشمير جي مختلف شھرن ۽  علائقن ۾ ڪيو ويو تاڪ مومنين ڪرام جو عزاداري حضرت امام حسين عليه السلام سان نہ صرف تمسڪ برقرار رھي بلڪ ان تمسڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ۽ ايندڙ نسل تائين ھي عظيم نعمت امانتداري سان منتقل ٿيندي رھي.

۽ خاص ڪري اسان جي جوان نسل فرش عزا ۽ منبر حسينيءَ سان پاڻ کي فيضياب ڪندي رھي ۽ دشمنن جون عزاداري امام حسين عليه السلام جي خلاف سازشون ماضيءَ وانگر ناڪام ٿينديون رھن ۽ اھڙيءَ طرح ھي عزاداري جو سلسلو منتقم خون امام حسين عليه السلام جي مقدس ظھور تائين ھلندو رھي