پاڻي ۽ ريگستان جي مسئلن جي ماهرن تي مشتمل يونيورسٽي جي پروفيسرن جو وفد مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جي خدمت ۾ 11/7/2024 |
مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف)
مرڪزي دفتر نجف اشرف عراق ۾ روضه امام
حسين عليه السلام جي وفد سان گڏ پاڻي ۽
ريگستان جي مسئلن جي ماهرن تي مشتمل يونيورسٽي جي پروفيسرن جي ھڪ وفد جو استقبال ڪيو. ملاقات جي دوران سندن پاڻيءَ جي اهميت ۽ ان جو ماڻهن جي زندگين تي
پوندڙ اثرن تي زور ڏنو ۽ فرمايو ته حڪومت، يونيورسٽين ۽ ادارن لاءِ ايندڙ مرحلي ۽
سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. ان ملاقات ۾ وڌيڪ فرمايو ته
ترڪي پاران پاڻيءَ جي بندش انسانيت جي خلاف ورزي آهي ۽ هو ان معاملي ۾ پيش رفت کي
ويجهي کان ڏسي رهيا آهن.
سائين جن عراق ۾ پاڻي جي صورتحال بابت وفد پاران پيش ڪيل ويزن کي ٻڌو. |