حجت الاسلام شيخ علي نجفي دام عزہ جي ”حوزه ۽ يونيورسٽي“ ڪانفرنس ۾ شرڪت 8/7/2024 |
مرجع المسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى
الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي دام عزہ نجف اشرف ۾
منعقد ”حوزه ۽ يونيورسٽي“ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرڪزي دفتر جو بيان پڙھيو. هن پنهنجي خطاب ۾ فرمايو
ته • حوزه ۽ يونيورسٽي عراق ۽ ٻاهرين
ملڪن ۾ هڪ باوقار زندگي جي ڪرنگھي جي ھڏي
جيان حيثيت رکي ٿي. جھڙيءَ ريت ھي حوزو عراقي يونيورسٽين سان گڏ ڪم پيو ڪري اھڙيءَ طرح
ھي دنيا جي مضافات ۾ انحراف کان بچڻ جي
لاءِ سٺي يونيورسٽين سان تعاون ڪري رھيو آھي. • حوزه جا علمبردار يونيورسٽي
جي فارغ التحصيل شاگردن کان بي نياز ناھن
۽ يونيورسٽيون به زندگيءَ جي هر مرحلي ۾ سڀني ڪارڪنن ۽ علمبردارن سان گڏ
حوزه کان مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪنديون آهن. • خدا اسان کي حوزه علميه جي
نعمت سان نوازيو آهي ۽ ان کي نجف اشرف ۾ استقامت عطا فرمائي آهي، اهڙي طرح اسان کي
ڦھليل يونيورسٽين سان به نوازيو آھي ۽ اهي ٻئي نعمتون مؤمنن جي عزت ۽ احترام جو
بنيادي عنصر آھي. • اها بدقسمتي آھي ته ڪجهه
پروفيسر به سرڪاري طور تي الحاد ۽ انحرافي خيالن کي ڦهلائڻ ۾ هڪ اهڙي وقت ۾ حصو وٺندا
آهن جڏهن پروفيسرن کي استاد، ليڊر ۽ استاد سمجھيو ٿيو وڃي.
• يونيورسٽين جي ليڊرن کي گهرجي ته هو يونيورسٽين ۾ اخلاقي بدعنواني پکيڙڻ کان پاسو ڪرائن ۽ ڪوشش ڪن ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ شيطاني حربن کان پاسو ڪرائن. |